کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > مردن ۽ عورتن جي دماغ ۾ فرق: نئين ريسرچ

مردن ۽ عورتن جي دماغ ۾ فرق: نئين ريسرچ

زيف سيد
August 13th, 2008

هن موضوع تي صدين کان بحث ٿي رهي آهي ته مردن ۽ عورتن ۾ ڇا فرق آهي، ۽ ٻنهيءَ جي سلوڪ ۾ جيڪڏهن ڪو اختلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڇا هن جو ڪارڻ جسماني ۽ حياتياتي آهي يا معاشرو ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي تربيت اهڙي انداز ۾ ڪندو آهي ته سندن پرورش الڳ انداز ۾ ٿيندي آهي؟

 

اسين هن موضوع تي ريسرچ لاءِ هن سلسلي ۾ دنيا جي مشهور ماهر سائمن بيرن ڪوهن سان ڳالهايو جيڪو ڪيمرج يونيورسٽي جي ديو لپمنٽل پيٿو سائيڪالوجي شعبي ۾ پروفيسر آهي ۽ اوٽزم جي ميدان ۾ کيس سموري دنيا ۾ آخري اکر جو درجو حاصل آهي. هن انهيءَ موضوع تي هڪ ”بيسٽ سيلنگ“ ڪتاب به لکي آهي جنهن جو نالو The Essential Difference:The Truth about the Male and Female Brain

 

ڊاڪٽر سائمن جو چوڻ آهي ته مردن ۽ عورتن جي دماغ ۾ حياتياتي فرق هوندو آهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن آئون هڪ اکر ۾ ٻنهيءَ دماغن کي بيان رڪڻ چاهيان ته چوندس ته عورت جو دماغ، ”همدردي“ آهي ۽ مرد جو دماغ ”تجزيو“ آهي.

 

هن باري وڌيڪ ٻڌائيندي هن چيو ته عورتون ٻي ماڻهن ۽ ماحول سان گهڻو رابطو رکڻ پسند ڪنديون آهن ۽ سندن هستي جو سماجي پهلو مردن جي نسبت ڏاڍو مضبوط هوندو آهي. اُهي آساني سان چهري جو تاثر سڃاڻي سگهن ٿيون ۽ ٻين جي ذهني حالت کي مردن کان وڌيڪ سُٺي طريقي سان سمجهي سگهن ٿيون.

 

ڇاڪاڻ ته انساني سماجيات ۾ اظهار جو سڀ کان وڏو پُرزو زبان آهي، ان ڪري عورتون ٻولي جي مامري ۾ به مردن کان اڳتي هونديون آهن، هن جو ثبوت اهو آهي ته ريسرچ موجب ڇوڪريون ڇوڪرن کان جلدي ڳالهائڻ شروع ڪنديون آهن. ۽ زندگي جي ٻي سال ۾ سندن لفظن جو زخيرو ڇوڪرن کان وڌيڪ هوندو آهي.

 

ڊاڪٽر سائمن جو چوڻ آهي ته هن ريسرچ سان اهو به ظاهر ٿيو آهي ته هن جي ڀيٽ ڇوڪرن ۾ شئين جو تجزيو ڪرڻ ۽ هنن جي نظام کي سمجهڻ جي خواهش ڇوڪرين کان وڌيڪ هوندي آهي. هو هر شئي جي پوئيان ڪم ڪندڙ نظام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.

 

هن موقعي تي آئون پروفيسر صاحب کان سوال پڇيو ته ڇوڪريون ۽ ڇوڪرن جي سلوڪ ۾ هن فرق جو ڪارڻ سندن مخصوص تربيت به ته ٿي سگهي ٿي. پر سندس چوڻ هو ته هن اهڙو تجربو پڻ ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ ڏينهن جا ڇوڪرا ڇوڪريون شامل ڪيا ويا هئا.

 

هنن ٻارن کي انساني چهري جي ۽ هڪ مشيني رانديڪن جي تصوير ڏيکاري وئي. نتيجي کان خبر پئجي وئي ته ڇوڪريون انساني چهري کي غور سان ڏسنديون آهن جڏهن ته ڇوڪرا رانديڪن کي ڏسڻ پسند ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي ٻار ايترا ننڍا هئا جو هنن تي ماحول يا تربيت جو اثر نٿو پئجي سگهي ان ڪري ظاهر آهي ته هنن ۾ حياتياتي فرق موجود آهي.

 

هاڻي اهو سوال آهي ته آخر دماغ ۾ اهو فرق ڪيئن پيدا ٿيندو آهي؟

 

ڊاڪٽر سائمن جو چوڻ آهي ته ماءُ جي پيٽ ۾ نشونما هاصل ڪندڙ بارن ۾ مرداڻا هارمون ٽيسٽا سڙ سٽيرون جي هڪ مخصوص مقدار موجود هوندي آهي. ڇوڪرن ۾ اها مقدار وڌيڪ ۽ ڇوڪرين ۾ گهٽ هوندي آهي. هن هارمون جو دماغ تي به اثر پوي ٿو جنهن ڪارڻ سندن دماغ جي زائفاڻا يا مرداڻا پاسي ڏانهن نشونما ٿيندي آهي.

 

ڊاڪٽر سائمن سندس ريسرچ کي اڳتي وڌائيندي نظريو پيش ڪيو آهي ته اوٽزم جو شڪار ٿيل ٻار حقيقت ۾ مرداڻي پن جا شڪار هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته سندن دماغ ۾ ضرورت کان وڌيڪ مرداڻا هارمون موجود هوندا آهن ان ڪري سندن هستي جو معاشي پهلو پرورش حاصل نٿو ڪري سگهي.

 

هن جي ڀيٽ هنن ماڻهن ۾ ڪنهن شئي جو نظام سمجهڻ جي صلاحيت بيماري جي حد تائين موجود هوندي آهي ۽ هو حياتي جي عام شئي ۾ به ايترو غير معمولي مزو ظاهر ڪندا آهن ته دنيا مافيا کان لاتعلق ٿي ويندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي تها وٽزم جا ڪجهه مريض مڪمل طور تي فون ڊائريڪٽريون ۽ ڊڪشنريون منهن زباني ياد ڪندا آهن، پر اهڙا ماڻهون اڪٽر سندن مائٽن ۽ دوستن سان سلام دعا ڪرڻ به وساري ڇڏيندا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com