ايران جو چوڻ آهي ته هن هڪ راڪيٽ خلاف ۾ موڪلڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هي راڪٽ ملڪ ۾ تيار ٿيل سيٽلائٽ کي خلا ڏانهن کڻي وڃي سگهي ٿو. آچر تي انتظاميه ٻڌايو آهي ته سيٽلائٽ کڻي ويندڙ هڪ راڪيٽ جو نالو ”سفير“ آهي. هن کان پهريان ميڊيا اطلاع ڏني هئي ته ايران ملڪ ۾ تيار ٿيل سيٽلائٽ کي مدار ۾ ڇڏڻ جو تجربو ڪيو آهي.
ايران جي خبرون پهچائيندڙ ايجنسي فارس جو چوڻ آهي ته صدر محمود احمد نزاد لانچ ڪرڻ جي ڪاروائي جو موقعي تي موجود هيو. حڪومتي ٽيلي ويزن تي راڪيٽ کي فضا ۾ بُلندي تائين ويندي ڏيکاريو ويو آهي.
ايران هن سلسلي ۾ پهريون تجربو فيبروري ۾ ڪيو هو. هو ڪيترن ئي سالن کان خلائي پروگرام کي جاري رکڻ لاءِ جاکوڙي رهيو هو ۽ هن جو چوڻ آهي ته هو ريسرچ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ پنهنجو سيٽلائٽ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.