آمريڪا جي 31 شهرن ۽ قصبن ۾ حڪومت اهڙيون گاڏيون ميسر ڪري رهي آهي جن کي مستقبل جي ڪار چئي سگهجي ٿو. آمريڪا جي توانائي واري کاتي، ٽرانسپورٽ ۽ ڪيلي فورنيا فيول سيل پارٽنر شپ جي تعاون سان آمريڪا جي نيشنل هائيڊروجن ايشين ۽ 9 آٽو موبائل ڪمپنين هائيڊروجن سان هلندڙ سوين گاڏيون تيار ڪيون آهن. جن جي واشنگٽن ڊي سي ۾ نمائش ڪئي وئي آهي.
ظاهر طور تي اُها ڪار روڊ تي هلندڙ ٻين گاڏين جهڙي لڳندي آهي پر هن کي هلڻ لاءِ پيٽرول جي ضرورت ناهي. اها ڪار هلائڻ لاءِ هائيڊروجن گئس استعمال ٿيندي آهي. هي گاڏيون ڪاربن وارو دونهون به ڪونه ڇڏينديون آهن بلڪ هنن جي پوئتي لڳل پائپ مان پاڻي جو اخراج ٿيندو آهي. تازو ئي واشنگٽن ڊي سي ۾ هائيڊروجن روڊ ٽور 2008 جي نالي کان ٿيندڙ هن نمائش ۾ سوين ماڻهون هائيڊروجن سان هلندڙ ڪارن جي ٽيسٽ ڊرائيو لاءِ گڏ ٿيا هئا.
آمريڪا جي ٽرانسپورٽ جي کاتي پال بروبڪر جو چوڻ آهي ته اسين ٽرانسپورٽ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ جو اهو نئون دور هائيڊروجن بيٽريز، استعمال ٿيندڙ ٻارڻ جو دور هوندو.
ڪارون ٺاهيندڙ نو ڪمپنين سموري آمريڪا ۾ پنهنجي هن نئين ۽ منفرد ٽيڪنالوجي جي نمائش ڪري رهيون آهن سندن دعوي آهي ته هائيڊروجن سان هلندڙ گاڏيون جلدي ڪمرشل سطح تي ملنديون. نمائش ۾ شريڪ ڪار ڪمپنيون هر اسٽاپ تي هائيڊروجن سان هلندڙ ڪارن جي نمائش ڪرڻ سان گڏ رستي ويندڙ ماڻهن کي گاڏي ۾ ويهڻ جي پيشڪش ڪنديون آهن.
هڪ ماهر جو چوڻ هو ته شروع ۾ توهان گاڏي جي پ وئين حصي ۾ موجود ٽينڪي ۾ هائيڊرون ڀرندا آهيو ته اها هائيڊروجن ٻارڻ جي پائپ مان گذري آڪسيجن سان ملندي آهي. جنهن سان پيدا ٿيندڙ ڪيميڪل ري ايڪشن کان بجلي پيدا ٿيندي آهي. پوءِ اها بجلي يا ته سڌو سنئون بيٽري جي ذريعي ڪار هلائڻ جي ڪم ايندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي جي پوئين پائپ مان پاڻي نڪرندو آهي.
هائيڊروجن جي تياري سان ماحول ته آلوده ڪونه ٿيندو آهي پر اهو ڏاڍو مهانگو ڪم آهي. گاڏين ۾ هائيڊروجن ڀرڻ جو ڪم به ساڳيو آهي جيئن گئس يا پيٽرول ڀرڻ جو ڪم آهي پر واڪس ويگن ٺاهيندڙ اداري جي نمائندن جان ٽل مين موجب آمريڪا ۾ گاڏين ۾ هائيڊروجن ڀرڻ جا صرف ڪجهه ئي ڊسٽريبيوشن سينٽرز آهن.
سندس چوڻ هو ته هائيڊروجن تور جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته هي ڪاريون هر طرح جي ڊرائيونگ جي قابل آهن. طويل سفر طئي ڪري سگهن ٿيون پر هائيڊروجن ڪارن لاءِ جيڪو انفراسٽرڪچر کپند آهي هو موجود ناهي. هن کانسواءَ اسين هنن ڪارين کي مارڪيٽ ۾ ڪونه آڻي سگهندا سين. ان ڪري هائيڊروجن اسٽيشنرز جي ضرورت آهي.
ٽل مين موجب هائيڊروجن واريون گاڏيون هڪ گيلن ۾ سٺ ميل هلنديون آهن ۽ هنن سان ماحول به آلوده ڪونه ٿيندو آهي. هن نمائش ۾ آمريڪا جي ٽرانسپورٽ واري کاتي طرفان هائيڊروجن سان هلندڙ گاڏين جي صنعت لاءِ سرمايو ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. پر آٽو انڊسٽري جي نمائندن جو چوڻ آهي ته هائيڊروجن ڪارن جو تجربو ڪمرشل سطح تي تڏهن ڪامياب ٿيندو جڏهن هنن لاءِ مناسب انفراسٽرڪچر به ڏنو ويندو.
وائس آف آمريڪا جي ٿورن سان.