کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > شمسي طياري جي پرواز رڪارڊ

شمسي طياري جي پرواز رڪارڊ

ويچار ڊيسڪ
August 27th, 2008

شمسي توانائي سان هلندڙ هڪ بغير پائلٽ جي برطانوي طياري غير سرڪاري طور تي سڀ کان طويل پرواز جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ڊيفائر سڪس نالي جو اهو جهاز ٽن ڏينهن کان به طويل عرصي تائين پرواز ڪندو رهيو ۽ رات جي مهل شمسي توانائي سان چارج ٿيل بيٽريون استعمال ڪندو رهيو. اهو طيارو 82 ڪلاڪ ۽ 37 منٽن تائين اُڏامندو رهيو.

 

هن برطانوي طياري جي پرواز نه رڳو پنهنجو بلڪ هڪ آمريڪي روبوٽ سان هلندڙ بغير پائليٽ جي طياري ”گلوبل هاڪ“ جو 30 ڪلاڪ ۽ 24 منٽن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. هن پرواز جي نمائش آمريڪي فوج لاءِ ڪئي وئي هئي جيڪا پنهنجي زميني فوج جي مدد لاءِ نئين ٽيڪنالوجي ڳولي رهيو آهي. ڊيفائر جهڙا طياره فوجي اهميت جي ٺڪاڻن جي کوج ڪرڻ لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهن ٿا. هنن طيارن کي ميدان جنگ ۾ پيغام نشر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

 

برطانوي ڊيفينس اينڊ ريسرچ فرم قينٽق جي ڪرس ڪيلر جو چوڻ آهي ته بغير پائلٽ جا اهي جهاز روايتي طريقن سان هلندڙ جهازن ايستائين جو سيٽلائيٽ جهازن کان به وڌيڪ مفيد ثابت ٿي سگهن ٿا. مسٽر ڪيلر وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڊيفائر جي باقاعده استعمال ۾ وڌيڪ ٻه سال لڳي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هن ۾ اڃان وڌيڪ تبديلي ڪرڻ جي گنجائش آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com