آمريڪا ۾ سائنس دانن جو چوڻ آهي ته هنن اها ڳالهه دريافت ڪئي آهي ته مکين کي مارڻ ايترو ڏکيو ڇو هوندو آهي. ماضي ۾ مکين جي بچڻ جي صلاحيت باري ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون وينديون هيون. پر هاڻي سائنس دانن جو چوڻ آهي ته مکيون پنهنجي تيز دماغ ۽ وقت کان پهريان رٿابندي جي صلاحيت ڪارڻ بچنديون آهن.
هن ڳالهه جي خبر الاهي تيز رفتار ۽ سڀ کان بهترين ريزوليوشن واري ويڊيوز کان لڳايو ويو جن اهو ثابت ڪيو ته ڪيئن مکيون اچڻ واري خطري کان خبردار ٿي ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿينديون آهن. سائنس دانن جو چوڻ آهي ته مکيون مارڻ جو سڀ کان بهترين طريقو اهو آهي ته صرف هنن جي ويجهو هوريان وڃجي بلڪ جتي مک ويٺي هجي هتان ٿورو اڳتي نشانو هنيو وڃي.
ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي جي سائنس دانن پنهنجي تجربي جي دوران مکين جون ڪيتريون ئي فلميون ٺاهيون جنهن سان اها خبر پئي ته مکيون جتي ويهنديون آهن هتي ويهڻ کان پهريان ئي ڪنهن حملي جي صورت ۾ فرار ٿيڻ جو رستو ڳولينديون آهن.
سائنس دانن اهو پڻ چيو آهي ته مکيون توڙي خوراڪ حاصل ڪري رهيون هجن يا وري ائين ئي هلي رهيون هجن هنن جو ردعمل هر حالت ۾ هڪ جيترو ئي هوندو آهي. آمريڪي سائنسدان پروفيسر مائيڪل ڊڪنسن موجب هن سان مکي جي دماغ جي تيزي ۽ پيچيدگي جي خبر پوندي آهي.
پروفيسرن جو چوڻ آهي ته تجربن سان اهو پڻ ظاهر ٿيو آهي ته مکيون اها ڳالهه به سمجهي سگهن ٿيون ته حملي جي صورت ۾ کين ڪيتري جسماني حرڪت جي ضرورت پوندي.