کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > گوگل ”ڪروم“ اوپن سورس برائوزر جاري ڪري ڇڏيو

گوگل ”ڪروم“ اوپن سورس برائوزر جاري ڪري ڇڏيو

ويچار ڊيسڪ
September 3rd, 2008

گوگل انٽرنيٽ تي ويب سائٽس ڏسندڙن لاءِ استعمال ٿيندڙ مائيڪروسافٽ ڪمپني جي ”انٽرنيٽ ايڪسپلورر“ ۽ ”موزيلا“ جي فائر فوڪس جي مقابلي ۾ پنهنجو اوپن سورس ويب برائوزر متعارف ڪرايو آهي جيڪو دنيا جي 40 زبانن ۾ هوندو. ڪمپيوٽر جي اوپن سورس پروگرام اُهي هوندا آهن جن ۾ استعمال ڪندڙ پنهنجي گهرج موجب تبديلي ڪري سگهي ٿو. گوگل پنهنجي نئين برائوزر کي ”ڪروم“ جو نالو ڏنو آهي جنهن ۾ ملٽي ميڊيا ۽ گرافڪس ڏانهن خاص طور تي ڌيان ڏنو ويو آهي.

 

ڪروم نالي جي هن براؤزر کي مستقبل جي ضرورتن کي ڏسندي تيار ڪيو ويو آهي. ان ڪري پروگرام جو تجرباتي ورزن اڃان سئو ملڪن ۾ مائيڪروسافٽ ونڊوز لاءِ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻي آپريٽنگ سسٽمس ميڪنٽوش ۽ لنڪس لاءِ هي براؤزر ٿوري دير سان جاري ڪيو ويندو.

 

نئين براؤزر باري گوگل ڪمپني جي پراڊڪٽ مئنيجمنٽ جي نائب صدر سندر پچائي هڪ بلاگ ۾ لکيو آهي ته اسانکي اها ڳالهه ياد آهي نئين براؤزر تي وڌيڪ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن لکيو آهي ته اسانکي جيڪا شئي کپندي هئي هو سائٽس ڏسڻ لاءِ هڪ براؤزر نه بلڪ ويب سائٽس ۽ ٻين پروگرامن لاءِ هڪ نئون پليٽ فارم هئي ۽ هن جي تياري لاءِ اسيم ڪم ڪيو آهي.

 

گوگل هن کان پهريان پڪاسو، گوگل ڊاڪيومينٽس ۽ گوگل ميپس جهڙيون سهولتون ڏئي چُڪو آهي ۽ اهو نئون براؤزر مائيڪروسافٽ جي قيادت کي ختم ڪرڻ جو هڪ حيلو وسيلو آهي. مائيڪرو سافٽ جي ويب برائوزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي دنيا ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو اسي سيڪڙو انگ استعمال ڪندو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com