کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > پلاسٽڪ جون بوتلون دماغ لاءِ زهر

پلاسٽڪ جون بوتلون دماغ لاءِ زهر

ويچار ڊيسڪ
September 5th, 2008

ڪنئاڊا ۾ ٿيندڙ هڪ ريسرچ مان اهو ظاهر ٿيو آهي ته پلاسٽڪ سان تيار ٿيل بوتلون دماغ لاءِ زهر ثابت ٿي سگهن ٿيون. پلاسٽڪ جون بوتلون جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون کائڻ پيئڻ جون شئيون رکيون وينديون آهن هنن بوتلن کي تيار ڪرڻ لاءِ بسفنول اي نالي جو ڪيميڪل استعمال ٿيندو آهي جنهن سان دماغ صحيح طريقي سان ڪم ڪرڻ کان متاثر ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ ڪنهن شئي جي تربيت حاصل ڪرڻ جو عمل ۽ ياداشت جو عمل به شامل آهي.

 

ريسرچ ڪندڙ سائنسدانن ڊپ ظاهر ڪيو آهي ته پلاسٽڪ جون بوتلون استعمال ڪرڻ سان ننڊ نه اچڻ جي بيماري ۽ ذهني دٻاءُ پڻ وڌي سگهي ٿو. بفسنول عالمي سطح تي پلاسٽڪ جي پاٽي جي بوتلن، ٻارن جي کائڻ پيئڻ وارين بوتلن ۽ ٻين ڪيترين ئي شئين ۾ پلاسٽڪ جون بوتلون ۽ دٻا استعمال ڪيا ويندا آهن.

 

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جڏهن کائڻ پيئڻ جون شئيون هنن پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ رکيون وينديون آهن ته بسفنول هنن کائڻ پيئڻ واري شئين ۾ به شامل ٿي ويندو آهي. جڏهن ماڻهون بسفنول واريون شئيون کائيندو آهي ته سندس ذهني نظام متاثر ٿيندو آهي جنهن سان ماڻهون ڳالهيون سمجهندو ۽ ياد رکندو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com