کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > زنده دماغ وارو روبوٽ

زنده دماغ وارو روبوٽ

جميل اختر
September 8th, 2008

برطانيا جي ريڊنگ يونيورسٽي ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم جنهن ۾ ڊاڪٽر ۽ انجينئر پڻ شامل آهن، هڪ اهڙو روبوٽ ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن کي هڪ زنده دماغ سان ڪنٽرول ڪجي ٿو. هن روبوٽ کي وڏي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن روبوٽ کان اها ڄاڻ ملندي ته ماڻهون جو دماغ ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هو مختلف شئين جا نالا ڪيئن محفوظ رکندو آهي ۽ پوءِ هن سان ڪيئن ڪم وٺندو آهي.

 

هن روبوٽ ۾ جيڪو دماغ فٽ ڪيو ويو آهي هن کي نيورانز چئبو آهي معني زنده دماغي خلين سان تيار ڪيل دماغ. هي دماغ هڪ خاص قسم جي پليٽ تي فٽ ٿيل آهي. پليٽ سان گڏ الاهي تارون به فٽ ٿيل آهن. هن خاص پليٽ جو نالو ايم اي اي آهي معني ملٽي اليڪٽروڊ ايري. پليٽ تي اٽڪل اهڙا 60 اليڪٽروڊ آهن جيڪي دماغ جي خلين ۾ پيدا ٿيندڙ سگنلز يا پيغام حاصل ڪري سگهن ٿا. هنن سگنلز جي مدد سان روبوٽ کي هلائي، ڦيرائي يا روڪي سگهجي ٿو.

 

زنده دماغ جي هن روبوٽ تي اڃان تائين جيڪي تجربا ڪيا ويا آهن هنن کان الاهي مزيدار نتيجا حاصل ٿيا آهن. مثال طور جڏهن روبوٽ ڪنهن شئي جي ويجهو ويو ته هن ۾ موجود سنسر هن حرڪت جي خبر اليڪٽروڊ جي ذريعي دماغ تائين پهچائي ۽ هن جي جواب ۾ دماغ انهيءَ مهل روبوٽ کي هدايت ڏني جو ٽڪر کان بچڻ لاءِ کاٻي يا ساڄي پاسي هليو وڃي.

 

هن مهل مارڪيٽ ۾ جيڪي روبوٽ موجود آهن هنن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هنن ۾ هڪ مختصر ڪمپيوٽر نسب هوندو آهي جنهن کي ماڻهون پاڻ هدايتون ڏيندو آهي. جڏهن ته هن روبوٽ جو سمورو ڪنٽرول هن جي پنهنجي دماغ وٽ آهي.

 

سائنسدان اڃان تائين هن روبوٽ تي تجربا ڪري رهيا آهن. هن روبوٽ تي ڪجهه وڌيڪ تجربا ڪيا ويا هئا جو روبوٽ کي ڪنهن خاص پاسي موڪليو وڃي ۽ هن جي دماغ کي هن باري سگنلز موڪليا ويندا آهن ته جيئن روبوٽ اُهي ڳالهيون پنهنجي دماغ ۾ محفوظ ڪري سگهي. هي لڳ ڀڳ اهڙو طريقو آهي جيئن ننڍي ٻارن کي تربيت ڏني ويندي آهي.

 

سائنس دانن جو چوڻ آهي ته جيئن روبوٽ تربيت حاصل ڪندو هن جي ياداشت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهندو. هن سان سائنس دانن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي ته جڏهن روبوٽ هنن جاين تي ويندو آهي جٿي هو پهريان به ويو هو ته سندس دماغ پنهنجي ياداشت سان ڇا ۽ ڪيئن ڪم ڪندو آهي.

 

ريڊنگ يونيورسٽي جي انجينئرنگ ڊپارٽمنٽ جي پروفيسر ڪيون واروڪ جو چوڻ آهي ته اسانکي هن تجربي تي ڏاڍي خوشي آهي ڇاڪاڻ ته اسين هڪ اهڙو روبوٽ ايجاد ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ زنده دماغ آهي ۽ هو پنهنجي جسم کي پاڻ ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن جو هڪ وڏو فائدو هي آهي ته هن سان اسانکي معلوم ٿي رهيو آهي ته دماغ ڪيئن تربيت حاصل ڪندو آهي ۽ هو جيڪو ڪجهه ڏسندو آهي ۽ جيڪو ڪجهه ڪندو آهي، هن کي پنهنجي ياداشت ۾ ڪيئن محفوظ ڪندو آهي ۽ پوءِ هن کي ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪندو آهي.

 

سائنس دانن جو چوڻ آهي ته زنده دماغ واري روبوٽ تي جيڪي به تجربا ٿي رهيا آهن هنن کان ميڊيڪل سائنس، انجينئرنگ ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن کي فائدو ٿيندو.

 

ميڊيڪل ماهرن جو چوڻ آهي ته هن روبوٽ تي ٿيندڙ تجربا دماغ ۽ ياداشت جي بيمارين خاص طور تي الزائمر ٿيڻ جو ڪارڻ ۽ هن جي علاج ۾ مفيد ثابت ٿيندا.

 

يونيورسٽي جي اسڪول آف فارميسي جي ڊاڪٽر بن ويلي جو چوڻ آهي ته اڄوڪي سائنس دانن جي اڳيان جيڪو سڀ کان وڏو سوال آهي هو هي آهي ته هر زنده دماغ جا خليا هڪ جهڙي ڳالهه ۽ هڪ جهڙو ردعمل ڪيئن ڪندا آهن. هن باري طويل عرصي کان سائنس دان تجربا ڪري رهيا آهن پر اڃان تائين هن جي خبر ڪونه پئجي سگهي. ڊاڪٽر بن ويلي جو خيال آهي ته زنده دماغ جي هن روبوٽ کان هن سوال جي جواب تائين پهچڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي.

 

ماهرن جو چوڻ آهي ته زنده دماغ جي روبوٽ سان روبوٽن جي هڪ نئين نسل سامهون ايندي. هن نسل جي روبوٽن کي ٻاهريان ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي. هو موقع محل جي مطابق پاڻ فيصلو ڪري پاڻ ڪم ڪندا. ماهرن جو خيال آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن تائين هي نئين نسل جا روبوٽ اسانجي گهرن ۽ آفيسن ۾ عام ڪم ڪندا ڏسڻ ۾ ايندا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com