هڪ جائزي موجب ماڻهن جي موسيقي جي ذوق ۽ سندن هستي ۾ گهرو تعلق هوندو آهي. اها ريسرچ سموري دنيا مان 36 هزار ماڻهن تي ڪئي وئي آهي. هيريٽ واٽ يونيورسٽي جي پروفيسر ايڊرين نارٿ جي اها ريسرچ موسيقي ۽ شخصيت جي موضوع تي مبني آهي. ريسرچ موجب ڪلاسيڪي موسيقي جا شوقين لڄي هوندا آهن. جڏهن ته هيوي ميٽل جا شوقين پُرسڪون ۽ پنهنجي پاڻ ۾ مست ماڻهون هوندا آهن. پروفيسر نارٿ هن جائزي کي ”حيران ڪندڙ ۽ اهم“ چيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته اسانکي شروع کان محسوس ٿيندو هو ته ماڻهن جي موسيقي جي ذوق ۽ سندن شخصيت ۾ ڪو نه ڪو واسطو ضرور هوندو آهي ۽ ائين پهرين دفعي ٿيو آهي ته هن سلسلي ۾ تفصيل سان ريسرچ ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن ريسرچ جو مارڪيٽنگ ۾ سٺو استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن توهانکي ماڻهن جي موسيقي جي ذوق جي ڄاڻ هجي ته توهانکي خبر پئجي ويندي ته هو ڪهڙي قسم جو ماڻهون آهي.
موسيقي جي ذوق ۽ هستين جو جائزو وٺجي ته جاز جا شوقين عزت نفس کي ڏاڍي اهميت ڏيندا آهن، تخليقي صلاحيتن جا مالڪ ۽ ملڻ جُلڻ وارا ماڻهون هوندا آهن ۽ وڌيڪ ماڻهن سان ملڻ کان لهرائيندا آهن. اوپرا جا مداح عزت نفس جو خيال ڪندڙ، تخليقي، مذهب ۽ خوش مزاج هوندا آهن. ويسٽرن ۽ ڪنٽري ميوزڪ جا شوقين محنت ڪندڙ ۽ ميل ميلاپ ڪندڙ هوندا آهن.
جائزي موجب راگا ٻُڌڻ وارا عزت نفس جو خيال رکندا آهن پر گهڻي محنت ڪونه ڪري سگهندا آهن پر تخليق ۽ خوش مزاج هوندا آهن. بالي وڊ موسيقي جا مداح تخليقي ۽ ميل ميلاپ ڪندڙ هوندا آهن. راڪ ميوزڪ جا شوقين تخليقي ته هوندا آهن پر نه گهڻي محنت ڪندا آهن نه وري گهڻا ميل ميلاپ ڪرڻ پسند ڪندا آهن پر اُهي ماڻهون خوش مزاج جا ماڻهون هوندا آهن.