کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > شوگر جا مريض انساني انسولين کي ترجيح ڏين

شوگر جا مريض انساني انسولين کي ترجيح ڏين

مينڪا گانڌي
September 10th, 2008

1857 ۾ منگل پانڊي ملڪ کي انگريزن جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ جي تحريڪ تڏهن شروع ڪئي جڏهن کيس خبر پئي ته حڪومت طرفان ڀارتي سپاهين کي ڳئون ۽ سوئر جي چرٻي وارا ڪارتوس استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن. انگريز سرڪار جي هن حرڪت سبب هندو ۽ مسلمان سپاهي ايترا ڪاوڙجي ويا جو 1857  جي آزادي جي جنگ جو آغاز ٿيو.

 

ڀارت ۾ اڄ ٽي ڪروڙ هندو ۽ مسلمان شوگر جا مريض آهن. هڪ اندازي موجب 2025 تائين اهو انگ ڊبل معني ڇهه ڪروڙ ٿي ويندو.

 

انسولين هڪ هارمون آهي، جنهن جو ڪم بلڊ شوگر کي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ ماني ۽ چانورن جهڙي کاڌن ۾ ڪاربوهائيڊريٽ، مٺي شئين ۽ نشاستي کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. جيڪي ماڻهون ٽائپ 1 ۽ ٽائپ 2 جي شوگر جا مريض هوندا آهن هنن جي هارمون ۾ (Pancreas) ۾ گهربل انسولين پيدا ڪونه ٿيندي آهي، جيڪا رت ۾ گلوڪوز ليون کي صحيح رکڻ لاءِ بيحد ضروري آهي.

 

هنن کي پنهنجي جسماني حالت صحيح رکڻ لاءِ ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا انسولين جو ڊوز وٺڻو پوندو آهي، انسولين کي انجيڪشن جي ذريعي استعمال ڪيو ويندو آهي. انسولين کي کائڻ يا پيئڻ سان استعمال نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته آنڊن ۾ موجود تيزابي مادو هن کي تباھ ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڪري انسولين کي انجيڪشن جي ذريعي يا اسپري (spray) جي ذريعي جسم ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿي.

 

انسولين جو فارمولو ڇا آهي ۽ هي تيار ڪيئن ٿيندي آهي؟ لکين ڳئون ۽ سوئر ماري انسولين تيار ڪئي ويندي آهي جنهن کانپوءِ انسولين کي انساني جسمن جي تندرستي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. (قصائي جي دُڪان تي (Pancreas) وڪامندي آهي، جنهن کي سويٽ بريڊ (Sweet bread) چئبو آهي.

 

انسولين جي ايجاد

 

1921ع ۾ ڪئناڊا ۾ فريڊرڪ بينٽنگ ۽ چارلس بيسٽ پهرين دفعي ڪُتن جي پينڪرياز مان انسولين جي نالي کي ڌار ڪيو. بعد ۾ چارلس بيسٽ گو جي پينڪرياز کان انسولين دريافت ڪئي. هن کي صاف ڪيو، هن تي ريسرچ ڪئي ۽ بعد ۾ هن کي ڪُتن تي استعمال ڪرڻ کانپوءِ هن کي پرکيو ويو. بينٽنگ هزارين ڪُتن تي تجربا ڪيا، پر هن سان انساني جسم جي علاج جو فائدو ڪونه ٿيو ڇاڪاڻ ته ڪُتن کي شوگر جي بيماري ڪونه هئي. بينٽنگ ۽ بيسٽ تجربو ڪري هزارين ڪُتا ماري ڇڏيا.

 

هو ڪُتن جو پينڪرياز بند ڪري ڇڏيندا هئا، ته جيئن هو خراب ٿي سگهي. پوءِ هو پينڪرياز کان محروم ڪُتن کي پينڪرياز جو ٿورو ڊوز ڏيندا هئا. هن تجربي دوران ڪُتا مري ويندا هئا. سندن تجربن تي برٽش ميڊيڪل جنرل سميت ڪيترن ئي ميڊيڪل تنظيمن تنقيد ڪئي. هنن جو چوڻ هو ته تجربن جا نتيجا ايترا غير ذميوار ۽ ناڪام آهن ته هنن تي اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي ۽ هنن تجربن سان انساني شوگر جي بيماري جو علاج ڪرڻ ۾ مدد حاصل نه ٿي سگهندي.

 

هن باوجود چيو ويندو آهي ته بينٽنگ ۽ بيسٽ انسولين کي ريسرچ ڪئي. فريڊرڪ بينٽنگ کي جيڪڏهن آر ميڪليوڊ سان انسولين ڌار ڪرڻ جو نوبل انعام مليو، جيتوڻيڪ ميڪيوڊ پاڻ تسليم ڪيو آهي ته هن انسولين ايجاد ڪونه ڪئي هئي. هن صرف جانورن جي ليبارٽري ۾ اها شئي پيدا ڪئي هئي جنهن جي پهريان کان ئي خبر هئي. بينٽنگ به سندس ڪتاب The Story of Insulin ۾ اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي. هن اها ڪتاب 1940 ۾ لکي هئي.

 

هڪ مشهور تاريخ دان بلس لکيو آهي ته بينٽنگ ۽ بيسٽ انسولين دريافت ڪونه ڪئي هئي. اها ڳالهه ورجائڻ خاص طور تي ضروري آي ته بينٽنگ جو ڪُتن تي تجربا ڪرڻ جو مهان خيال انسولين جي ايجاد ۾ ڪو خاص ڪردار ادا ڪونه ڪري سگهيو. انسولين جي موجودگي بينٽنگ ۽ بيسٽ جي تجربن کان پهريان موجود هئي ۽ هن جو خالص تجربو رسائن جي ليبارٽري ۾ ٿيو هو.

 

پهريون استعمال

 

تسليم ڪيو ويو آهي ته هڪ انگريز ڊاڪٽر ميڪينجي والس سڀ کان پهريان انسولين جو ڪامياب استعمال ڪيو، جنهن ڀارت ۾ رهندي شگر جي مرض باري الاهي ڄاڻ حاصل ڪئي. هن سهڙ تي انسولين جو تجربو ڪرڻ جو طريقو ڇڏيو ۽ ريسرچ لاءِ (Test Tube) جو طريقو استعمال ڪيو. جڏهن بينٽنگ ۽ بيسٽ 14 سالن جي هڪ ڇوڪري جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته اٽڪل هن دور ۾ ميڪينجي والس پنهنجي طريقي سان پنهنجي پهرين مريض جو علاج ڪيو.

 

بدقسمتي سان انسولين جا سمورا تجربا جانورن تي ٿي رهيا هئا، ان ڪري جانورن مان ڪڍيل انسولين جو وڌيڪ استعمال شروع ٿي رهيو هو. ڳئون ۽ سوئر کان حاصل ڪيل انسولين توڙي اثر ڪندي آهي، پر ڪيترا ئي ڀيرا اهڙي انسولين جي استعمال سان ري ايڪشن به ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته هن دوا ۾ پروٽين نتيجا، انساني جسم لاءِ اوپرا هوندا آهن.

 

انساني انسولين

 

1980 ۾ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي خبر پئجي وئي ته انساني پنڪرياز جي سيلز کي بيڪٽيريا سان شامل ڪري ليبارٽري ۾ انساني انسولين تيار ڪري سگهجي ٿي. هاڻي اصلي انسولين سان، جيڪا ڳئون ۽ سوئرن مان تيار ڪئي ويندي آهي، اها انسولين به دڪانن کان ملندي آهي. پر عام ماڻهن کي دوائن جي فرق جي خبر ناهي. هن فرق کي ڊاڪٽر ئي سڃاڻيندا آهن.

 

ڪيترين ئي دوائون ٺاهڻ واري ڪمپنين جانورن مان تيار ٿيندڙ انسولين بدران انساني پينڪرياز مان تيار ٿيل انسولين کي ترجيح ڏينديون ڇاڪاڻ ته انساني پينڪرياز مان تيار ٿيل انسولين انساني جسم کي وڌيڪ راس ايندي. پر اولهه جا الاهي ماڻهون انساني انسولين بدران جانور مان تيار ٿيل انسولين کي ترجيح ڏيندا آهن.

ڪئناڊا جا ڪيترا ئي شوگر جا مريض ته جانورن سان تيار ٿيل انسولين جي حق ۾ عدالتن ۾ پيش ٿي ڪري گواهي ڏيندا آهن. ڪئناڊا جون ٻه ڪمپنيون ايلي للي اينڊ ڪمپني ۽ نووو نارڊسڪ جانورن مان تيال ٿيل انسولين تيار ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري ڪيترا ئي ڪئناڊا واسي اها انسولين ايشياء جي ڪيترن ئي ملڪن کان گهرائيندا آهن جيڪي اڄ به ڳئون ۽ سوئر جي پينڪرياز سان انسولين تيار ڪندا آهن. آمريڪا جي الاهي ڪمپنين به جانورن مان انسولين ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. پر يورپين، برطانوي ۽ ڀارتي ڪمپنيون اڃان تائين جانورن مان انسولين تيار ڪري رهيون آهن.

 

ڀارت ۾ انساني انسولين 1995 ۾ ئي ايلي للي ڪمپني جي ذريعي اچڻ شروع ٿي آهي. اها ڪمپني ڳئون ۽ سوئر سان به انسولين تيار ڪري رهي آهي. انساني انسولين کي هيومي انسولين چئبو آهي. هاڻي نووو نارڊسڪ ۽ اوينتيس فارما به ڀارت ۾ انساني انسولين وڪرو ڪنديون آهن. ووڪهارڊ (ووسلن) ۽ بائيو ڪان (انسجن) ۽ شريا لائيف سائنسز پرائيويٽ لمٽڊ ڀارتي ڪمپنيون آهن، جيڪي انساني انسولين وڪرو ڪنديون آهن.

 

ڀارت ۾ انسولين جي واپار جو مُلهه هڪ اندازي موجب 251 ڪروڙ رپي جو آهي. (انسولين جو عالمي واپار 1500 ڪروڙ رپي جو آهي). ۽ بدقسمتي سان هن جي ترقي 21،4 سيڪڙو آهي. انساني انسولين جو واپار وڌي رهيو آهي پر 25 ڪروڙ رپي جي ڳئون ۽ سوئر سان تيار ٿيندڙ انسولين اڃان به ڀارت ۾ وڪامندي آهي.

 

انساني انسولين هوريان هوريان جانورن جي انسولين بدران اچي رهي آهي. پر هن تبديلي جي رفتار هن ڳالهه تي منحصر آهي ته توهان ڪهڙي انسولين جي ڊمانڊ ڪندا آهيو. توهان مان الاهي مريض روزانو پنهنجي جسم ۾ ڳئون ۽ سوئر جي رت سيلز جا ٽيڪا لڳرائيندا آهن. ڇا توهان اڃان به هنن ڳالهين کان ناواقف آهيو ۽ پنهنجو مذهبي عقيدو ڇڏڻ لاءِ تيار آهيو؟

 


 

 

Powered by: PHPCow.com