کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > ٿڌ لڳڻ جو ڪارڻ تنهائي

ٿڌ لڳڻ جو ڪارڻ تنهائي

ويچار ڊيسڪ
September 29th, 2008

تنهائي ۽ ٿڌ جي شڪايت ماڻهون روزانو ڪندا آهن پر نفسيات جي ماهرن هڪ ريسرچ سان معلوم ڪيو آهي جو تنهائي ماڻهن ۾ ٿڌ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ٽورينٽو يونيورسٽي جي ماهرن جي ٽيم ٻڌايو آهي جو ڪنهن محفل ۾ به پاڻ کي تنها محسوس ڪندڙن کي ڪمري ۾ هنن ماڻهن کان وڌيڪ ٿڌ لڳندي آهي جيڪي محفل ۾ سڀنيءَ سان گڏجي ويهندا آهن.

 

ريسرچ موجب جيڪي ماڻهون پاڻ کي تنها محسوس ڪندا آهن هو جوس يا ڪا ٻئي شئي پيئڻ بدران چانهه يا گرم سوپ پيئڻ پسند ڪندا آهن. برطانيا جي نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي جو هن ريسرچ سان هنن ماڻهن کي مدد ملي سگهي ٿ جيڪي پاڻ کي تنها محسوس ڪندا آهن خاص طور تي سياري ۾.

 

پهرين جائزي ۾ 65 شاگردن کي ٻه گروپن ۾ ورهايو ويو. هڪ گروپ کي هو واقعا ياد ڪرڻ لاءِ چيو ويو جن ۾ کين ڪنهن محفل ۾ تنها ڇڏيو ويو هجي يا جنهن محفل ۾ هو پاڻ کي تنها محسوس ڪري رهيا هئا جڏهن ته ٻي گروپ کي هو واقعا ياد ڪرڻ لاءِ چيو ويو جن ۾ ڪنهن محفل يا ڪلب ۾ هنن جي تعريف ڪئي وئي هئي.

 

هن کانپوءِ هنن ماڻهن کي هڪ ڪمپيوٽر گيم ڏني وئي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن کي بال اُڇلائڻ جو موقعو ڪيئين دفعي ڏنو ويو ۽ ڪجهه ماڻهن کي بال سان کيڏڻ جو موقعو نه ڏنو ويو.

 

گيم کانپوءِ هنن ماڻهن کان پڇيو ويو جو هو صوف يا سافٽ ڊرنڪ پيئڻ چاهن ٿا يا وري گرم گرم ڪافي پيئڻ چاهن ٿا جن ماڻهن کي بال سان گهڻي دير تائين کيڏڻ جو موقعو نه ڏنو ويو هنن مان الاهي ماڻهن گرم سوپ يا ڪافي پيئڻ جي خواهش ظاهر ڪئي

 

ماهرن جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن گرم شئين جي چاهت ظاهر ڪئي هو نفسياتي طور تي تنها هجڻ ڪارڻ ائين محسوس ڪري رهيا هئا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com