يورپي يونين طرفان تيار ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاڻوڪي مالي بحران کان وڌيڪ عالمي معيشت کي جهنگل جي وڍجڻ سان نقصان ٿي رهيو آهي. هن رپورٽ موجب عالمي معيشت کي ٻه کان پنج کرب ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن رقم ۾ هو نقصان به شامل آهن جيڪي جهنگل جي وڍجڻ جي نتيجي ۾ ٿيندا آهن ڇاڪاڻ ته جهنگلن جو پاڻي صاف رکڻ ۽ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي جذب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هوندو اهي.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هي رپورٽ پاليسي تيار ڪندڙن کي قدرتي ماحول ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ قائل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي. بي بي سي ورلڊ سان ڳالهه بولهه دوران رپورٽ تيار ڪندڙ ٽيم جي اڳواڻ پاون سکديو جو چوڻ هو ته ماحول جو تحفظ نه ڪرڻ سان ٿيندڙ نقصان هاڻوڪي مالي بحران کان وڌيڪ آهي.
هي گهڻو نه بلڪ لاڳيتو نقصان آهي جيڪو هر سال ٿيندو آهي. وال اسٽريٽ هاڻوڪي مالي بحران جو اندازو ٻه کرب ڊالر کان به گهٽ هنيو آهي جڏهن ته حقيقت هي آهي ته جهنگلن جي کوٽ سان اسانکي هر سال 2 ارب کان 5 کرب ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي.
هن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جهنگلن ۾ کوٽ جو ڪارڻ هن سان لاڳاپيل مفاد به ختم ٿي رهيا آهن.