کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > سوني دنيا جو سڀ کان سنهو ٽي وي ٺاهي ورتو

سوني دنيا جو سڀ کان سنهو ٽي وي ٺاهي ورتو

ويچار ڊيسڪ
October 12th, 2008

بجلي سان هلندڙ شئيون ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني سوني اليڪٽرانڪ دنيا جو سڀ کان سنهو ٽي وي ٺاهيو آهي جيڪو هڪ سي ڊي باڪس جيترو ٿلهو آهي.

 

بيحد سنهو (الٽرا ٿن) ٽي وي جنهن جو نالو سوني بريويا زيد ايڪس ون رکيو ويو آهي، ايندڙ سال جنوري ۾ مارڪيٽ ۾ پهچي ويندو. سوني هن ماڊل جي نمائش اين اي سي جي گرينڊ ڊزائن شو ۾ ڪئي آهي.

 

شو ڏسندڙ بيحد حيرت سان ٻڌايو آهي ته اها ڳالهه مڃڻ بيحد ڏکيو آهي ته ڪو ايتري سنهي شئي ايتري بهترين تصوير ڏيکاري سگهي ٿي. شروع ۾ هن ٽي وي جي قيمت 3500 پائونڊ طئي ڪئي وئي آهي.

 

سوني ڪمپني جي پراجيڪٽ مئنيجر جو چوڻ آهي ته اڃان تائين اسانجي ٽي وي جي ماڊل جهڙي ٻئي شئي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي. هي بهترين ۽ اعلي وسعت آهي جيڪا ماڻهن جي دلچسپي جو ڪارڻ بڻجي ويندي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com