کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > ٻار پيدا ڪرڻ سان عورتون عقلمند ٿينديون آهن

ٻار پيدا ڪرڻ سان عورتون عقلمند ٿينديون آهن

ويچار ڊيسڪ
October 16th, 2008

هڪ نئين ريسرچ ۾ واضع ٿيو آهي ته پيدا ٿيندڙ ٻار خاندان وارن کي نه رڳو خوشي ڏيندو آهي بلڪ ماءُ کي عقلمند ٿيڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

 

پهريان ڪيل ريسرچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته عورتن جي ذهني صلاحيت گهٽجي ويندي آهي. هاڻي رچمنڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن جي هڪ ٽولي ريسرچ ڪئي آهي ته ٻار پيدا ڪرڻ سان ماءُ وڌيڪ عقلمند ٿيندي آهي.

 

ماهرن موجب ماءُ بڻجندڙ عورت پنهنجي دماغ کي ٻيهر تيار ڪندي آهي ته جيئن هو سندس مامتا سان ٻار جي حفاظت ڪري سگهي. ۽ جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي ته ماءُ جي ڏاهپ ۾ اضافو ٿيندو آهي.

 

سائنسدان ڪوئن تي ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ هن نتيجي تائين پهتا آهن. هنن جي ذريعي خبر پوي ٿي ته جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي ته نر ۽ ماده ڪوئا وڌيڪ بهادر ۽ پنهنجي ٻار جي خوراڪ ڳولڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪندي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته عقل ۾ ٿيندڙ اضافو وقتي طور لاءِ نه بلڪ سڄي زندگي لاءِ هوندو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com