بين الاقوامي ماهرن جي ريسرچ ٽيم مردن ۾ جلدي گنجو ٿيڻ جي خدشي کي ست سيڪڙو وڌائيندڙ جينز دريافت ڪيون آهن. پنج هزار ماڻهن جي ڊي اين اي تي ريسرچ ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته گنجو پن ٻه نموني جي جينز سبب ٿيندو آهي. نيچر جريدي موجب ست مان هڪ ماڻهون ۾ جينز جون ٻئي قسمون موجود هونديون آهن. نيچر جريدي موجب ست مان هڪ ماڻهون ۾ جينز جون ٻئي قسمون موجود هونديون آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ڳالهه جو اندازو هڻڻ سان جو وار جلدي جهڙي سگهن ٿا هنن جي علاج باري ترقي ملي سگهي ٿي. مردن ۾ گنجي پن کي مورثي چيو ويندو آهي ۽ هن جو تعلق سيڪس هارمونس سان به ڄاڻايو ويو آهي. بريڊ فورڊ يونيورسٽي جي سينٽر فار اسڪن سائنسز جي پروفيسر وال رينڊال جو چوڻ آهي ته هي ريسرچ زبردست آهي، توڙي هن تي بحث ڪري سگهجي ٿي جو مردن کي وار جهڙڻ جي خطري باري ڄاڻي فائدو ٿيندو.
سندس چوڻ آهي ته وار جهڙڻ کان روڪڻ ٽرانس پلانٽيشن ڪرائڻ کان آسان آهي.