عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ افضل لالا تصديق ڪئي آهي ته سوات جي ڇوڪري کي طالبان جي طرفان سرعام ڦٽڪا هنيا ويا هئا پر ايئن ناهي ٿيو جئين رپورٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هي رپورٽ ڏسڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.
http://www.wichaar.com/videos/girl-flogged-in-swat-pakistan/girl-beaten-in-swat-by-our-so-called-sharia-leaders-zulam-day-zulam-video_f114a43a0.html
خان لالا اها ڳالهه اسلام آباد ۾ انساني حقن جي ڪميشن ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي.
هن چيو ته هڪ ڇوڪرو جيڪو طالبان سان مليل هو، هو ڇوڪري کي پسند ڪندو هو پر ڇوڪري جي ماءُ پي هن جو رشتو رد ڪيو هو. هڪ ڏينهن هڪ اليڪٽريشن گھر ۾ بجلي جو ڪو ننڍو وڏو ڪم ڪرڻ لاءِ ڇوڪري جي گھر ۾ گھرايو ويو ۽ هو ڇوڪرو طالبان ڏانهن ڀڄي ويو ۽ هن الزام هنيو ته هڪ نامحرم انهن جي گھر ۾ داخل ٿيو آهي، جنهن جي ڪري ڇوڪري کي ڦٽڪا هنيا ويا.
ٻئي پاسي انهن اخباري ڪالم ليکڪن تي الزام هنيو ته انهن هن معاملي کي تمام گھڻو کنيو آهي، ڇو جو طالبان جي ترجمان ٻه ڀيرا هن واقعي جي تصديق ڪئي ۽ ٻئي ڀيرا انهن ڌار ڌار جائيون ٻڌايون.
خان لالا جي هن تصديق کان پوءِ هڪ سماج سيوڪ طاهره عبدالله هڪ سوال کنيو جنهن ۾ هن هڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ ثمر من الله جي نڪاح ٽٽڻ جي فتوي ڏيڻ تي تنقيد ڪئي وئي. ثمر من الله هو ويڊيو ميڊياکي ڏني هئي ۽ پوءِ اڳيان نڪري وئي هئي. ثمر من الله کي به مارڻ جون ڌمڪيون مليون آهن.
افضل خان لالا هن قرارداد جي رڳو حمايت به ڪونه ڪئي پر هي چوندي تنقيد به ڪئي ته اي اين پي جي اڳواڻ افر اسياب خان خٽڪ ۽ صوبي سرحد جي وزير افتخار حسين کي کلي عام ثمر من الله کان معافي وٺڻ گھرجي.