اسان جي ملڪن ۾ عورتن جي ننڍن ننڍن ڪپڙن پائڻ کي خراب سمجھيو ويندو آهي پر ننڍا ڪپڙا خريدڻ جو مقصد اگھاڙو ٿيڻ ته ناهي ۽ نه ئي انهي کي ايئن سمجھڻ گھرجي.
برطانيه ۾ ٿيڻ واري هڪ کوج موجب هر ٽئين عورت ننڍا ڪپڙا انهي ڪري خريد ڪري رهي هوندي آهي جو هو سوچيندي آهي ته جثي کي گھٽائي هڪ ڏينهن انهن ڪپڙن ۾ سمائجي ويندي. هن کي چوندا آهن پينڊل کڻي اچ ته سائيڪل به اچي ويندي ڪيئن آهي نه....
انهي کوج ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هر عورت هي به مڃيو آهي ته هو ڪپڙن جون ٽي شيون ته گھٽ ۾ گھٽ خريد ڪنديون آهن، هن جو مطلب هي ٿيو ته 24 ملين جي ويجھو سيجھو اسڪرٽ، بلائوز ۽ ٽرائوزرز المارين ۾ بند ٿي انهن عورتن جي پنهنجي جثي سان جنگ ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن، ڪڏهن هي ختم ٿئي ته ڪڏهن انهن ليڙين جي واري اچي.
۽ هي ڪم اڪيليون عورتون ئي ڪونه ڪنديون آهن، انهن ۾ 12 سيڪڙو مرد به شامل آهن.