کلاسک

WebSite    

وچار > لوڪ سڀاجي چونڊن ۾ کٽڻ وارين عورتن جو رڪارڊ

لوڪ سڀاجي چونڊن ۾ کٽڻ وارين عورتن جو رڪارڊ

وچار ڊيسڪ
May 26th, 2009

انهن ڀارتي چونڊن ۾ لوڪ سڀا جون 59 سيٽون عورتن کٽيون آهن جيڪا ڀارتي سياسي تاريخ ۾ رڪارڊ آهي. عورتن جو ايڏو وڏو انگ ڪڏهن ناهي کٽيو.

هندوستاني اخبار انڊين ايڪسپريس موجب انهن چونڊن ۾ 543 ڪل ميمبرن مان عورت ميمبرون 59 ٿي ويون آهن. انهي کان اڳ ڪڏهن به لوڪ سڀا ۾ عورتن جو انگ 50 کان ڪونه وڌيو هو.

13 لوڪ سڀا ۾ عورتن جو انگ 49 هو. هندوستان جي لوڪ سڀا ۾ عورت ميمبرن جي ڌر ڪڏهن به 10 سيڪڙو کان ڪونه وڌي هئي. 1999 ۾ اها 9.02 سيڪڙو هئي جڏهن ته پهرين لوڪ سڀا ۾ اها 4.4 هئي.

بي جي پي جون عورت ميمبر تمام گھڻيون آهن جيڪي 13 آهن.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats