کلاسک

WebSite    

وچار > هندوستان ۾ سدا سهاڳڻين پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪراٽا سکڻ شروع ڪيا آهن

هندوستان ۾ سدا سهاڳڻين پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪراٽا سکڻ شروع ڪيا آهن

وچار ڊيسڪ
June 13th, 2009

هندوستان جي رياست تامل ناڊو ۾ ڌنڌو ڪرڻ وارين عورتن دلن تي خراب رويو رکڻ وارن گاهڪن کان بچڻ لاءِ ڪراٽا سکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. انهن عورتن جو چوڻ آهي ته اهي هر ڏينهن جي مار کان پريشان ٿي ويون آهن، انهي ڪري انهن هڪ مقامي سٿ سان رابطو ڪيو آهي.

ڪراٽي جي ڪلاس وٺڻ واري انتظاميا کي اميد آهي ته پنهنجي بچاءُ جي هن قديمي طريقي سان ماڻهن ڏانهن هي سنيهو ويندو ته ڌنڌو ڪرڻ وارين سان ماري ماري بند ٿيڻ گھرجي. هڪ اندازي جي مطابق هندوستان ۾ ٽيھ لک ڌنڌو ڪرڻ واريون موجود آهن.

اهي عورتون روز پنج ڪلاڪ ڪراٽا سکنديون آهن ۽ هاڻ انهن کي پڪ آهي ته ڪنهن به خراب وقت ۾ اهي ڪنهن سان به چڱي طرح وڙهي سگھن ٿيون. جيڪڏهن اهي ڪنهن کي ماري نه سگھن ته اهي ايتريون ته قابل ٿي وڃن جو هتان بچي نڪرن.

ڌنڌو ڪرڻ وارين انهن عورتن کي سکيا هتان جي هڪ مقامي تنظيم ڏئي رهي آهي جنهن جي صدر اي جي هري هرن چيو آهي ته صرف تامل ناڊو ۾ 90 هزار کان وڌيڪ سدا سهاڳڻيون آهن. انهن مان گھڻين کي روز مار سهڻي پوندي آهي، جيڪا صرف گاهڪن کان ئي نه پر مقامي ماڻهن ۽ پوليس کان به مار کائيندي آهي.

اهي ماڻهو انهن سدا سهاڳڻين تي حملو ڪندا آهن انهن جا پيسا ڦريندا آهن ۽ انهن کي سيڪس ڪرڻ لاءِ چوندا آهن. اسين چاهيون ٿا ته انهن کي اهڙو ڪجي جو اهي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪن. هري هرن ٻڌايو ته ٻئين مرحلي ۾ هو 300 سدا سهاڳڻين کي ڪراٽا سيکاريندا ۽ انهي کان پوءِ 500 کي. هن جو چوڻ هو ته اسين انهن ماڻهن کي سنيهو ڏيڻ چاهيون ٿا ته انهن جي زور ذبردستي ڪونه هلندي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats