ايڊز جي وڌندڙ بيماري کي روڪڻ لاءِ، عورت سيڪس ورڪرن ۾ محفوظ جنسي طريقا اپنائڻ لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين ايف پي اي جي سهڪار سان ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو ٽي ڏينهن ورڪشاپ رکي وئي، جيڪا ڇنڇر جو پڄاڻي تي پهتي، ۽ هن ۾ هڪ سو کان وڌيڪ سيڪس ورڪرن شرڪت ڪئي.
پاڪستان ۾ جسم وڪڻڻ تي پابندي آهي، پر هي ڪاروبار غير قانوني طور تي جاري آهي. گڏيل قومن جي اداري ۽ مقامي غير سرڪاري سٿن طرفان رکيل هن ورڪشاپ ۾ عورت سيڪس ورڪرن کي محفوظ جنسي طريقن کان خبردار ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيڻ وارين عورتن جو چوڻ آهي ته کين هن ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ انهن طريقن جي ايتري ڄاڻ ڪونه هئي ۽ اها ورڪشاپ انهن لاءِ تمام فائدي مندي ثابت ٿي آهي.
يونائيٽيڊ نيشنز پاپوليشن فنڊ يعني يو اين ايف پي اي جي پراجيڪٽ آفيسر ڊاڪٽر صفدر ڪمال پاشا جو چوڻ آهي ته اسان وٽ سڄي پاڪستان جو حساب ڪتاب ته ڪونهي پر هن وقت هڪ سروي موجب ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ۽ لاهور ۾ 75 هزار سدا سهاڳڻيون (سيڪس ورڪر) ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن ۾ محفوظ جنسي طريقن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ سان ايڊز کي اڳيان وڌڻ کان روڪي سگھجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته هڪ مسلمان ملڪ بنگلاديش ۾ هن ڪاروبار کي قانوني تحفظ آهي پر پاڪستان ۾ کيس قانوني تحفظ ناهي ملندو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته هن ورڪشاپ کي رکڻ کان اڳ هي ڊپ هو ته هتي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڊپ کان سدا سهاڳڻيون پنهنجي پاڻ کي ظاهر نه ڪرڻ ڪري هن پروگرام ۾ شريڪ نه ٿينديون.
انهن موجب هن ورڪشاپ جي ختم ٿيڻ تي هڪ سو کان وڌيڪ تعداد ۾ سيڪس ورڪرن جي شريڪ ٿيڻ جي ڪري اسان جي اميدن کي وڌيڪ مشهوري ملي آهي، هن وڌيڪ چيو ته جنهن به عورت سيڪس ورڪر کي هتي محفوظ جنسي طريقن جي باري جانڪاري ملندي آهي، اسان کي آس آهي ته هو پاڻ سان ڪم ڪرڻ وارين کي به انهي جي باري ۾ ڄاڻ ڏينديون. هن جو چوڻ هو ته هن ورڪشاپ جي ڪاميابي کي ڏسندي، ٻي ورڪشاپ لاهور ۾ ڪئي ويندي ۽ پوءِ هن موضوع تي ايندڙ سال قومي ڪنوينشن رکڻ جو به ارادو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان سدا سهاڳڻين کي دعوت ڏني ويندي.
هن ورڪشاپ جي آرگنائيزر ۽ جي آر ايڇ ايف جي رڪن ڊاڪٽر غلام مرتضي جو چوڻ هو ته ٽن ڏينهن جي هن ورڪشاپ ۾ عورتن کي شريڪ ٿيڻ تي هڪ هزار رپيا روز ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو، انهي ڪري جو اهي گھڻيون کان گھڻيون هن ۾ شامل ٿين. انهن موجب ايڊز جي پکيڙجڻ جا وڏا ڪارڻ انتقال رت يا پوءِ جنسي لاڳاپا آهن ۽ انهن جي سٿ گڏيل قومن جي سهڪار سان جنسي طريقن کي محفوظ ڪرڻ تي توجه ۽ ڪم ڪري رهي آهي.
زيبا رمضان اک ئي ريڊ لائيٽ ايريا ۾ کولي. هن جو چوڻ آهي ته هي هڪ انوکي ورڪشاپ آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو اسان کي هڪ فورم تي گڏ ڪيو ويو آهي، اهڙا ورڪشاپ هر سال ٿيڻ گھرجن. هن ورڪشاپ کان اڳ اسين لڪيل هئا سين پر هاڻ اسين به سماج جي سامهون اچي ويا آهيون ۽ اسين هاڻ پنهنجي باري ۾ آواز اٿارڻ لائق ٿي ويون آهيون .