هندوستان جي سپريم ڪورٽ هڪ دماغي معذور ڇوڪري کي حمل جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. چندي گڙھ ۾ هڪ ناري نڪيتن ۾ هن ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي جو واقعو ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ هو حاملا ٿي وئي هئي.
پهرين سپريم ڪورٽ هن ڪيس ۾ پنجاب، هرياڻا هائي ڪورٽن جي فيصلي ۾ مداخلت ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي هئي. پنجاب ۽ هرياڻا هائي ڪورٽ هن ڇوڪري جي حمل ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو، پر هن ڪيس کي چندي گڙھ کان دهلي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪرڻ واري وڪيل تنو بيدي طرفان قانون ۽ انسانيت کي بنياد بنائي دليل پيش ڪرڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ انهي تي پنهنجو ارادو مٽايو.
سپريم ڪورٽ هن ڪيس کي ٻڌو ۽ هرياڻا ۽ پنجاب هائي ڪورٽ جي فيصلي کي معطل به ڪري ڇڏيو، تنو بيدي جو هي چوڻ هو ته ڪنهن به عورت کي اسين صرف انهي ڪري ماءٌ ٿيڻ کان روڪي نٿا سگھون ته سندس دماغي طاقت ٻين کان گھٽ آهي.
هن جو هي به چوڻ هو ته هن جي پيٽ ۾ 20 هفتن جو ٻار موجود آهي ۽ هاڻ جيڪڏهن حمل کي ختم ڪيو ويندو ته هي هن جي صحت لاءِ به خطرناڪ هوندو، ۽ پهرين کان ئي زيادتي جي ڪارڻ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ سان هن جي ذهن تي اڃا وڌيڪ اثر پئجي سگھي ٿو.
چندي گڙھ انتظاميا جو چوڻ هو ته هن ڇوڪري جي دماغي حالت اهڙي ناهي جو هو ماءٌ جي جذبن کي سمجھي سگھي ۽ جيڪڏهن هو ٻار کي جنم ڏي ٿي ته هن ٻار جو مستقبل غير محفوظ هوندو.