{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > هندوستان : نونهن کان پريشان ٿيل سسن پنهنجي سٿ جوڙي ورتي

هندوستان : نونهن کان پريشان ٿيل سسن پنهنجي سٿ جوڙي ورتي

ويچار ڊيسڪ
September 7th, 2009

سڄي هندوستان مان نونهن جي هٿان پريشان ٿيل 500 سسون هندوستان جي شهر بينگلور ۾ گڏ ٿيون آهن ۽ انهن آل انڊيا سس حفاظت سٿ جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن سٿ جو مقصد سماج ۾ سسن تي ظلم ۽ کين خراب ڏيکارڻ جي خلاف ڪم ڪيو ويندو.

سٿ جي ترجمان نينا ڌوليا چيو ته انگن اکرن مان هي ڳالهه سامهون ايندي آهي ته سماج ۾ سسن کي بنا ڪنهن مقصد جي خراب ڪري ڏيکاريو ويندو آهي ۽ انهن سان نفرت ڪئي ويندي آهي. سٿ جوڙڻ وارن مطابق نونهون بنا ڪنهن ڪارڻ جي هندوستان ۾ گھرو مارا ماري جي قانون کي غلط طور تي سسن جي خلاف استعمال ڪنديون آهن.

سٿ جي ترجمان ٻڌايو ته گھڻين سسن کي انهن جون نونهون الزام هڻنديون ۽ عدالت ۾ گھيلينديون آهن. بنيادي طور تي انهي مسئلي کي نبيريو ويندو. هن چيو ته هي سٿ ڪنهن جي خلاف ڪونه جوڙي وئي آهي پر هي سسن جي بچاءِ جي لاءِ جوڙي وئي آهي. سسن کي خراب ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ۽ عورتن جي قومي ڪميشن ۾ انهن جي ڪابه ٻڌڻي ناهي ٿيندي. هڪ سس چيو ته ٽي وي ڊرامن ۾ اسان کي ولن جي طور تي پيش ڪيو ويندو آهي پر اصل حقيقت هي آهي ته اسين مظلوم آهيون.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: