{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > ٿائي لينڊ ۾ ٿلهين جو مقابله حسن

ٿائي لينڊ ۾ ٿلهين جو مقابله حسن

ويچار ڊيسڪ
December 20th, 2009

هونئن ته حسن جا مقابلا ته ٿيندا رهن ٿا پر ٿائي لينڊ جي هڪ مشهور حسن جي مقابلي ۾ انهن عورتن کي شرڪت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي جن جو وزن 2 مڻ کان وڌيڪ آهي ۽ کٽڻ واري عورت کي ”مس جمبو ڪوئين“ جو لقب ڏنو ويندو.

 

خوبصورتي رڳو سنهو هجڻ جو نالو ناهي. ٿائي لينڊ جي شهر ايوٿايا ۾ ٿيندڙ ساليانو مس جمبو بيوٽي ڪوئين جو مقابلو هي ڳالهه ثابت ڪري ٿو. هلندڙ سال هن مقابلي ۾ 31 عورتن شرڪت ڪئي آهي. هر عورت جو وزن اٽڪل 80 ڪلو آهي.

 

مقابلي کان اڳ ئي هنن عورتن کي هڪ اسٽيج تي گهرايو ويو جتي هنن پنهنجي صحت ۽ معاشري بابت سوالن جا جواب ڏنا. مس جمبو بيوٽي ڪوئين جي مقابلي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن مقابلي جو مقصد صحتمند زندگي ۽ وزني عورتن جي فلاح لاءِ ٿيندڙ ڪمن کي ترجيح ڏيڻ آهي. مقابلي کان اڳ هنن عورتن کي وزن گهٽائڻ ۽ بيوٽي ڪورس ڪرايا ويندا. جن عورتن جو وزن گهٽجي ويندو هنن کي مقابلي ۾ وڌيڪ نمبر ڏنا ويندا.