{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > ڪاروڪاري جا واقعن ۾ واڌ

ڪاروڪاري جا واقعن ۾ واڌ

ويچار ڊيسڪ
January 31st, 2010

پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ پوليس انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايتري ڪوششن باوجود غيرت جي نالي تي قتل يا ڪاروڪاري جا واقعا وڌي رهيا آهن. سنڌ پوليس پاران منعقد ڪرايل سيمينار سان خطاب ڪندي پوليس کاتي جي اعلي آفيسر سلطان صلاح الدين بابر خٽڪ چيو ته صوبي ۾ غيرت جي نالي تي قتل وڌي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته سال 2009ع ۾ ڪاروڪاري جي واقعن ۾ مارجي ويل عورتن جو انگ 164 هو جيڪو سال 2008 ۾ 121 هو.

 

سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ پوليس اقوام متحده جي ترقياتي اداري يو اين ڊي پي جي سهڪار سان غيرت جي نالي تي قتل جي خلاف ريسرچ ڪرڻ جي مهم جو آغاز ڪيو آهي ته جيئن پوليس اهلڪارن کي به هن جرم جو اندازو هجي.

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريٽائرڊ جسٽس ناصر اسلم زاهد سينيمار سان خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل جي صورتحال اوستائين تبديل نه ٿيندي جيستائين عورت کي ملڪيت سمجهڻ جو خيال تبديل نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته عورتن کي ماءُ ڀيڻ نه بلڪ ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. کين ريت رواج جي نالي تي ناحق قتل ڪبو آهي. جسٽس ريٽائرڊ ناصر اسلم زاهد جو چوڻ هو ته سرڪاري وڪيلن جي فيس ۽ هيٺين طبقي جي عدالتن ۾ مقرر ٿيل ججن جون پگهارون وڌايون وڃن ته جيئن اُهي گهرو مسئلن ۽ پريشانين کان پري رهي آزاد فيصلا ڪن.

 

جسٽس ناصر اسلم زاهد چيو آهي ته قانون سازي مان جيڪڏهن غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارا ملزم بچي ويندا ته انهن جي خلاف فساد في العرض جي شق 311 هيٺ ڪيس درج ٿيڻ گهرجن ته جيئن هنن کي قصاص جي حوالي سان معافي نه ملي سگهي.

 

پاڪستان ۾ عام طور تي غير سرڪاري تنظيمن پاران غيرت جي نالي تي قتل جي خلاف مهم ۽ سينيمار منعقد ٿيندا رهن ٿا پر ائين پهرين ڀيرو ٿيو آهي ته سنڌ پوليس ڪاروڪاري جي خلاف مهم هلائڻ جو آغاز ڪيو آهي.

 

سنڌ پوليس پاران ڪاروڪاري جي خلاف مهم جي منتظم ڊي آءِ جي عبدالخالق شيخ جو چوڻ آهي ته آئون سڄو سال پوليس آفيسرن کي سيکاريو آهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ هنن جي مهم ختم ٿي ويندي. سندس چوڻ آهي ته پوليس آفيسرن ۾ ڪاروڪاري ڪيسن جي باري شعور پيدا ٿي رهيو آهي ۽ اُهي انهن ڪيسن کي عام جُرم کان ڌار سمجهي ۽ ڏسي رهيا آهن.