پاڪستان جي گذريل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضي ڀٽو جي 25 سالن جي ڌي فاطمه ڀٽو کي خواهشمندن پاران اي ميل وصول ٿي رهيون آهن ۽ ڪجهه خواهشندن فاطمه ڀٽو کي شادي ڪرڻ جي آفر پڻ ڪئي آهي.
فاطمه ڀٽو انگريزي اخبارن لاءِ پڻ ڪالم لکندي آهي. سندس چوڻ آهي ته جڏهن کان مان ڪالم لکڻ شروع ڪيا ته مان پنهنجي آرٽيڪلز جي هيٺ پنهنجو اي ميل ايڊريس لکڻ جو فيصلو پڻ ڪيو.
هن چيو ته اها اي ميل ايڊريس رڳو ڪالمز لاءِ پر منهنجو واحد اي ميل ايڊريس آهي پر مونکي هر ڏينهن اهڙيون اي ميلز به ملنديون آهن جن ۾ مونکان موبائل فون نمبر پڻ گهريو ويندو آهي، دوستي ڪرڻ جي آڇ ڳئي ويندي آهي.
ڪجهه اهڙيون اي ميلز پڻ هونديون آهن جن ۾ مونکي شادي ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي ويندي آهي. فاطمه ڀٽو چيو آهي ته منهنجو تعلق ڀٽو خاندان سان آهي ۽ مان هڪ فرد آهيان خاندان نه.