{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > سال 2010 ۾ پنجاب ۾ عورتن مٿان تشدد جا 2690 واقعا

سال 2010 ۾ پنجاب ۾ عورتن مٿان تشدد جا 2690 واقعا

ويچار ڊيسڪ
July 30th, 2010

عورت فائونڊيشن 2010 ۾ پنجاب ۾ عورتن مٿان ٿيندڙ 2690 تشدد جي واقعن بابت شروعاتي 6 مهينن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

 

رپورٽ موجب هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران عورتن مٿان تشدد جا 2690 واقعا ٿيا آهن جن ۾ 2908 عورتن ۽ ٻارڙين مٿان تشدد ڪيو ويو. هن رپورٽ موجب اغوا جا 913، لڄالُٽ جا 377، قتل جا 381، غيرت جي نالي تي قتل جا 102، گهر ۾ تشدد جا 127 واقعا ٿيا.

 

عورتن مٿان تشدد جا ڪيترا ئي واقعا ڳوٺن ۾ ٿيا، 87 سيڪڙو واقعن جي رپورٽ ٿاڻن ۾ درج ٿي پر ڪارروائي ڪونه ٿي سگهي. پنجاب جي 12 ضلعن مان لاهور عورتن مٿان تشدد جي واقعن ۾ 1 نمبر تي آهي جڏهن ته فيصل آباد 393 واقعن سان 2 نمبر تي، سرگوڌا 161 واقعن سان 3 نمبر تي، شيخوپوره 157 واقعن سان 4 نمبر تي ۽ راولپنڊي 139 واقعن سان 5 نمبر تي آهي.