{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > سعودي بادشاهه ڊرائيونگ ڪندڙ عورت کي ڦٽڪا هڻڻ واري سزا معاف ڪري ڇڏي

سعودي بادشاهه ڊرائيونگ ڪندڙ عورت کي ڦٽڪا هڻڻ واري سزا معاف ڪري ڇڏي

ويچار ڊيسڪ
September 30th, 2011

ڊرائيونگ ڪري سعودي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ عورتن کي 10 ڦٽڪا هڻڻ واري سزا سعودي بادشاهه معاف ڪري ڇڏي آهي.

 

سعودي شهزادي الوليد بن طلال جي زال شهزادي اميره الطويل جده ۾ پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪندي چيو ته ”رب جو شڪر آهي ته شيما جي سزا معاف ڪئي وئي آهي، اسين پنهنجي محبوب بادشاهه جا ٿورائتا آهيون مونکي يقين آهي ته سعودي عورتون به بادشاهه جي فيصلي سان خوش ٿينديون.“

 

عرب سماج ۾ جنم وٺندڙ جمهوري انقلاب جو اثر سعودي عرب ۾ وڌيڪ نٿو ڏيکارجي پر هتي انساني حقن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. سعودي شهزادي خطاب ڪندي چيو ته ”مونکي سعودي عورتن هئڻ تي فخر آهي. سڀنيءَ سرگرم سعودي عورتن جو شڪريه.“

 

شهزاده اميره جو شمار هنن سعودي عورتن ۾ ٿيندو آهي جيڪي سعودي عرب ۾ عورتن جي گاڏي هلائڻ تي پابندي جي خلاف آهن. سال 2009 ۾ انٽرويو ڏيندي چيائين ته انهيءَ پابندي کان بيزار آهيان. شهزادي اميره جو مڙس شهزادو الوليد شاهه عبدالله جو ڀاڻيجو آهي جيڪو ملڪ ۾ عورتن لاءِ مختلف سماجي آزادين لاءِ جاکوڙيندو آهي.