{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > سعودي عرب: سري لنڪن ملازمن جي اپيل

سعودي عرب: سري لنڪن ملازمن جي اپيل

ويچار ڊيسڪ
October 2nd, 2011

سعودي عرب راڄڌاني رياض جي هڪ قيد خاني ۾ موجود سري لنڪا جي گهريلو عورتن مدد جي اپيل ڪئي آهي. هنن مان هڪ عورت بي بي سي ورلڊ کي فون تي ٻڌايو ”مهرباني ڪري توهان سري لنڪا ورڻ لاءِ اسانجي مدد ڪريو.“ آئون هنن عورتن کي ڏسي نه سگهندو هوس پر آئون هنن جي آواز ٻڌي سگهندو هوس جيڪي فون تي ڳالهائڻ لاءِ هڪٻئي سان جهيڙو ڪري رهيون هيون.

 

هڪ تامل عورت ٿنگاويلو سروجني ٻڌايو ته سندس آجر کيس تشدد جو نشانو بڻايو آهي. سندس چوڻ هو ته ”منهنجي هٿن، منڍي ۽ ڄنگهن تي زخمن جا نشان آهن.“ سروجني اولايا جي قيد خانن جي ڪئمپن ۾ جتي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر کان لڏپلاڻ ڪري آيل سوين عورتون موجود آهن هنن ٻڌايو ته ”هنن مونکي تشدد جو نشانو بڻايو، مونکي ڏنڀ ڏنائون.“

 

هنن عورتن جو چوڻ آهي ته اسانجو ڏوهه اِهو آهي ته اسين پنهنجي مالڪن جي جسماني ڏاڍ، جنسي لاڳاپا رکڻ ۽ نفسياتي بدسلوڪي کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. سعودي عرب جي قانون موجب اُهي عورتون غير قانوني هجرت جي درجه بندي ۾ شامل ٿينديون آهن.

 

سروجني موجب کيس گذريل ڏيڍ سالن کان پگهار نه ڏني وئي هن مونکي مارڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن آئون سفارتخاني مان فرار ٿي ويس.

 

سري لنڪا کان هزارين عورتون ره سال وچ اوڀر اينديون آهن جن مان ڪيترين ئي عورتن موجب هنن سان غير انساني سلوڪ ٿيندو آهي کين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، کين پگهار کان محروم رکيو وڃي ٿو.

 

سعودي عرب ۾ آگسٽ 2010 ۾ اهڙو واقعو ٿيو جنهن ۾ 49 سالن جي سري لنڪن عورت ايل پي آريا واٿي جي بدن مان 24 ڪوڪا هٿ ڪيا ويا.

 

حراستي ڪئمپ ۾ موجود عورتن جو چوڻ آهي ته جڏهن اُهي پهريون ڀيرو سري لنڪا جي سفارتخاني آيون ته سري لنڪن حڪام هنن جي مدد ڪئي پر هاڻي هن ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته هنن کي سري لنڪا واپس موڪلڻ ۾ سستي ڇو ڪئي پئي وڃي. هن ڪئمپ ۾ ترسيل عورتن کان علاوه سوين عورتون سفارتخاني جي هوٽل ۾ ترسيل آهن.

 

سموريون عورتون انڪري بدحال آهن ڇاڪاڻ ته مالڪن کانسواءِ هنن جي حيثيت غير قانوني آهي. هيومن رائٽس تنظيم واچ طويل عرصي کان وچ اوڀر ۾ ملازمت ڪندڙ گهريلو عورتن جي حقن لاءِ سرگرم آهي. هيومن رائٽس تنظيم سعودي حڪام کي هنن گهريلو عورتن کي مقامي ليبر قانونن ۾ شامل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن هنن جي حفاظت ڪري سگهجي.

 

رياض ۾ سري لنڪن سفارتخاني جي ليبر آفيسر بي بي سي کي ٻڌايو ته اولايا ڪئمپ ۾ قيد ملازمن جون فائلون سري لنڪا جي فارن ايمپلائمنٽ بيورو ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيون آهن.

 

پر سري لنڪن فارن ايمپلائمنٽ بيورو جي سربراهه ڪنگيسلي راونڪا بيورو کان ڪيل ڪنهن به فون ڪال جو جواب نه ڏنو. لنڊن ۾ سعودي سفارتخاني جي ميڊيا آفيس پاران بي بي سي وٽ رد عمل نه آيو.