{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > پهرين عرب عورت کي نوبل پرائز

پهرين عرب عورت کي نوبل پرائز

ويچار ڊيسڪ
October 8th, 2011
5 / 5 (1 Votes)

توڪل ڪرمان پهرين عورت عورت آهي جنهن کي نوبل پرائز سان نوازيو ويو آهي. يمن جي صحافي ۽ عورتن جي حقن لاءِ سرگرم توڪل ڪرمان 2005 ۾ ”ويمن جرنلسٽ ود آئوٽ چينز“ نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ وچ اوڀر ۾ جاري موجوده بيداري جي لهر ۾ يمن ۾ جاري مظاهرن ۾ سڀ کان اڳتي هئي.

 

توڪل ڪرمان جيڪا يمن جي اسلامي جماعت اصلاح جي ميمبر آهي، گذريل 5 سالن کان يمن ۾ عورتن جي حقن ۽ سياسي قيدين جي رهائي لاءِ جاکوڙي رهي آهي.

 

ناروي جي نوبل امن ڪاميٽي يمني صحافي توڪل ڪرمان سان گڏ وڌيڪ 2 عورتن کي پرامن جدوجهد ذريعي جمهوريت، امن ۽ عورتن جي حقن لاءِ جوڙجڪ ڪرڻ عيوض نوبل انعام سان نوازيو آهي.

 

انعام حاصل ڪرڻ بعد ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي توڪل ڪرمان ٻڌايو ته کيس خبر نه هئي ته هن انعام لاءِ سندس نالو نامزد ڪيو ويو آهي. کيس الجزيره ۽ بي بي سي عربي چئنل ذريعي معلوم ٿيو.

 

اپريل 2011 ۾ صنعا جي مرڪزي چوڪ ۾ بي بي سي سان ڳالهائيندي توڪل ڪرمان چيو ته حڪومت مخالف مظاهرن ۾ عوام جو انگ ڏسي ڪري اچرج ٿيندي آهي. ”مون هرگز نه سوچيو هو ته يمني عورتون جيڪي شام 7 بجي کانپوءِ گهران ٻاهر قدم نه رکنديون آهن، ايتري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنديون ۽ هنن ڪئمپن ۾ رات گذارينديون. مون اهڙو خواب ڪونه ڏٺو هو. مونکي يمني عورتن تي فخر آهي.“

 

توڪل ڪرمان يمن ۾ عورتن جي شادي جي عمر وڌائڻ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي ۽ انڪري ڪيترا ئي ڀيرا جيل پڻ وئي آهي.