{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > 42 ڪلوميٽر ڊوڙي عورت نينگري کي جنم ڏنو

42 ڪلوميٽر ڊوڙي عورت نينگري کي جنم ڏنو

ويچار ڊيسڪ
October 11th, 2011
5 / 5 (1 Votes)

هڪ آمريڪي عورت شڪاگو جي ميراٿن ڊوڙ ڻ شرڪت ڪرڻ بعد اسپتال پهچي ڪري هڪ نينگري کي جنم ڏنو آهي. امبر ملر جو چوڻ آهي ته اُها بيحد خوش آهي ”اِهو منهنجي زندگي جو سڀ کان طويل ڏينهن هو.“ امبر حاملا ٿيڻ بعد آرام ڪرڻ بدران ميراٿن ريس ۾ ڊوڙڻ کي ترجيح ڏني.

 

آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ رکيل ڊوڙ ۾ شرڪت ڪري اسپتال پهتي جتي نياڻي کي جنم ڏنائين. امبر جڏهن ڊوڙ ۾ شرڪت ڪئي تڏهن 39 هفتن جي حاملا هئي. هن اسپتال پهچي ڪري 7.7 پونڊ جي نياڻي کي جنم ڏنو جنهن جو نالو جون رکيو ويو آهي. 27 سالا امبر 8 ڀيرا ميراٿن ۾ شرڪت ڪئي آهي. اِها سندس ٻئي اولاد آهي.

 

سندس ڊاڪٽر جي مشوري موجب، هن ميراٿن ريس ۾ اڌ مفاصلو ڊوڙي ۽ اڌ مفاصلو هوريان هوريان هلي طئه ڪيو آهي. هن چيو ته ”ريس مڪمل ٿيڻ بعد مونکي سور ٿيو ته مون سمجهي ويس ته مون سان ڇا ٿي رهيو آهي. جڏهن بار بار سور ٿيڻ لڳو ته پهريان مون سينڊ وچ کاڌو پوءِ اسپتال ڏانهن رُخ ڪيو.

 

سندس موجب ڪيترا ئي ماڻهو مونکي ڏسي خوش هئا، مونکي چئي رهيا هئا ته ڊوڙ حاملا عورت ڊوڙ.

 

خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيائين ”منهنجي لاءِ عام ڳالهه نه هئي. مونکي ميراٿن ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. مونکي ڊوڙڻ جو جنون آهي. ”ڇاڪاڻ ته هن اڌ مفاصلو هوريان هوريان پنڌ ڪري طئه ڪيو انڪري 26 ميل يا 42 ڪلوميٽر جو مفاصلو سوا 6 ڪلاڪ ۾ طئه ڪيائين.