کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > جنوني: باڪسنگ ۽ سياست جون پهلوان عورتون

جنوني: باڪسنگ ۽ سياست جون پهلوان عورتون

ڪام بخش جنوني
March 4th, 2008

جڏهن پڙهندا هئا سين ته اسانجي هڪ سياسي دوست يا سهيڙي هوندي هئي (توهانجي ذهن ۾ گند نه هجي ته دوست ئي سمجهو). هونئن ته امير خاندان جي هئي پر دل جي تمام چڱي هئي. هڪ ڀيرو اسين پراڻي لاهور شهر ۾ جلوس ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن چيو مان توهان سان گڏ ڪونه ويندس ڇاڪاڻ ته هي اڻپڙهيل ۽ غير مهذب ماڻهون عورتن تي حملو ڪندا آهن. اسانجي استاد چيو ”محترمه توهانکي خبر ناهي ته سياسي سطح تي عام ماڻهن کان وڌيڪ ڪو به جنٽلمين ناهي ٿيندو. تون آزمائي ڏس“.

 

اسانجي اسرار تي هو اسان سان هلڻ لاءِ راضي ٿي پر هو  بڙ بڙ ڪندي اسانکي گاريون ڏئي رهي هئي ”ڦاسائي ڇڏيو باسٽرڊز. اٽس اي ڊيزاسٽر“ پر جڏهن جلوس نڪتو ته هو هوريان هوريان ڪني ماڻهن سان گڏجي ڪري نعريبازي ڪري رهي هئي. مان حيران هوس ته کيس انهن ماڻهن جا ڪنا ڪپڙا به نظر نه آيا نه وري سندن پگهر جي ڌپ محسوس ڪري رهي هئي، ۽ اُهي ماڻهون به هن سان ائين هلي رهيا هئا جيئن ماءُ ڀيڻ سان هلبو آهي. اسانجي سهيڙي واپس اچي ايتري خوش ٿي ته مان بيان نٿو ڪري سگهان. هن کي ايترو مزو آيو ته هو بار بار انهن پاڙن ڏانهن ويندي هئي ۽ عوام جي مدد ڪندي هئي.

 

ان ڪري جنوني کي ان ڳالهه تي حيرت ناهي ته پاڪستان جي اليڪشن ۾ 60 عورتن حصو ورتو. ظاهر ڳالهه آهي جو گهر گهر ڳوٺ ڪوٺ وڃي ووٽ گهرنديون هونديون، ته عوام انهن کي مرد يا عورت نه پر سياستدان سمجهندا هوندا. هي صحيح اهي ته انهن مان گهڻيون ئي عورتون جاگيردار ۽ امير ماڻهن جون ذالون آهن ۽ ڪنهن ماڻهون جي جرات ناهي ته هنن سان کيچل ڪري. پر عورتن شهرن ۾ به اليڪشن وڙهيا آهن جٿي جاگيردارن جو لحاظ نٿو ڪيو وڃي.

 

اها ڳالهه آهي جو اسانجي قوم اهڙي به ناهي جيئن مولوي سمجهندا آهن. مولوين جو خيال آهي ته عورت گهر کان ٻاهر نڪرندي ته هن سان زنا ٿيندو يا هو پاڻ ڪندي. پر اسانجي عام ماڻهن جي ذهن انهن مولوين کان تمام اعلي، صاف ۽ پاڪ آهن.

 

اڃان ته پاڪستاني عورتون سياسي پهلواني ڪري رهيون آهن پر جاپان جي هڪ 46 سالن جي عورت هڪ پيشه ور باڪسر جو لائسنس حاصل ڪيو آهي. هو جاپان ۾ سڀ کان وڏي عمر جي پيشه ور باڪسر آهي. سندس ٻه ڌيئرون آهن جن جي عمر 17 ۽ 14 سال آهي. پر هن 2001 ۾ باڪسنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي باڪسرز کي رنگ ۾ هارايو جنهن سبب هن کي پيشه ور باڪسر جو لائسنس مليو آهي. هونئن جاپان ۾ 32 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي باڪسنگ جو لائنس نٿو ملي.

 

ڪازومي ازوڪي (Kazumi Izaki) نالي جي پهلوان عورت جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي ڌيئرن کي ثابت ڪرڻ لاءِ باڪسنگ شروع ڪئي، مان هنن کي اهو ٻڌائڻ پئي چاهيان ته جيڪڏهن ماڻهون چاهي ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.

 

اڃان ته 45 سالن جون پاڪستاني عورتون ڏاڏيون، نانيون بڻجي ڪري سوچي رهيون آهن ته سندن زندگي جو انت ٿيڻ وارو آهي پر پاڪستاني مردن کي به تيار ٿيڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ته توهانجي ذال به چوي ته مان پهلوان ٿيڻ چاهيان ٿي.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com