کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > عورتن کي هر ميدان ۾ برابر جو حق ڏيڻ ضروري آهي

عورتن کي هر ميدان ۾ برابر جو حق ڏيڻ ضروري آهي

چوڌري سورنا رام
March 9th, 2008

عورتن جي عالمي ڏينهن جي باري هڪ خاص تحرير

 

قومي عورتن جو ڏينهن قابل غور آهي. اهو ڏينهن عورت ۽ مرد جي تعلقات جي جاچ جو موضوع آهي. انساني سماج جي خوبصورتي لاءِ، عورت جي ڪومل خوبين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. اهو ڏينهن ڀارتي وراثت جي جانڪاري ڪرائي ٿو. پراڻي دور جي ماتا سيتا جهڙي نارين جي قرباني کان ڪير اڻڄاڻ آهي. سائنسي دور ۾ ڪلپنا چاولا جهڙي بهادر سائنسدان، جنهن پنهنجي حياتي جي پرواهه ڪونه ڪئي هئي، جنهن جي بهادري هر ڏينهن نوا ن جذبا پيدا ڪندي.

 

اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن تي اسانکي 8 مارچ 1857 جو ڏينهن ياد اچي ٿو، جڏهن نيويارڪ شهر ۾ ڪپڙي جي ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پاران ڌرڻو هنيو ويو، هو عورتون پگهار ۾ اضافو ۽ مردن جي غير انساني سلوڪ جي خلاف مظاهرو ڪري رهيون هيون. هن ڌرڻي تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪئي وئي. هن جاکوڙ ۾ هڪ چڻگ ڀڙڪي.

 

8 مارچ 1908 جي ڏينهن 15،000 عورتن پاران جلوس ڪڍيو ويو جن جو نعرو هيو ته بريڊ ايند روزز (روٽي ۽ گلاب جا گُل) ۽ جنهن شئين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ڊيوٽي جي وقت ۾ گهٽتائي، پگهارن ۾ اضافو، ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ معصوم ٻارڙن جي مذدوري تي پابندي، هوريان هوريان اها لهر سڄي دنيا تائين پهچي وئي ۽ 8 مارچ 1910 کان اهو ڏينهن عورتن جو عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو.

 

اسانجي ملڪ ۾ اهو ڏينهن تمام عزت سان ملهايو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ان ڏينهن اسين عورت جي شعوري حالت کي طاقتور ٺاهڻ لاءِ تيار رهندا آهيون، اسانجي وراثت ۽ ڪلچر سان منسلڪ ٿيندا آهيون، اسانجي خوبين خامين جي جاچ ڪندا آهيون ۽ ياد ڪندا آهيون ته عورت ڪيئن پراڻي دور ۾ پنهنجي حقن کان محروم هئي، پير جي جُتي، بيوقوف، بيوفا، بي حم چيو ويندو هو، عورت کي آزادي جي رستي ۾ پابندي سمجهيو ويندو هو. دروپدي جي روپ ۾ هن پنجن پانڊون جي غلامي ڪئي ۽ کيس جوئا ۾ هارايو ويو. هن مهل اسانکي گورو نانڪ پاران عورت جي آڌر ۽ تقاضا جي بحالي لاءِ ڪيل انقلابي اعلان ياد اچي ٿو.

 

”سو ڪيون مندا آکيئي، جت جميا راجان“

هن کي ڇو بُرو چئون، جنهن راجا پيدا ڪيا

 

سماجي آڌر جي هن نعري جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته سک مذهب ۾ امان نانڪي، ماتا کيوي، بي بي ڀاني ۽ ماتا ڀاگ ڪور جهڙيون سماج سيوا ڪندڙ عورتون پيدا ٿيون. گُرو امر داس، عورتن جي حقن جي بحالي لاءِ ”ستي“ جي رسم، پردي جي رسم جو خاتمو ڪيو ۽ بيوه عورتن جون شاديون ڪرايون.

 

ان دور ۾ اسين گرو صاحبن جي واعدن جي مطابق ڪونه بڻجي سگهيا سين ۽ پجاب جي ڌرتي تي عورت جو وقار بحال نه ڪري سگهيا سين. اسين انساني سماج ۾ صحيح معني ۾ عورت کي مرد جي برابر درجو ڏيڻ جي قابل نه رهيا سين. ڏاج جي لالچي رسم جي ڪري ڪيترن ئي معصوم ڇوڪرين ۽ عورتن کي ماريو ويو. اسين ڏاج جي مهلڪ مرض جو خاتمو نه ڪري سگهيا سين پر عورتن جو خاتمو ڪندا رهيا سين.

 

عورت هڪ عورت به آهي، هڪ طاقت به آهي. هن جو هڪ ٻار دوزخ کي جنت ٺاهي سگهي ٿو. عورتن کي گهرجي ته هو پنهنجي حقن جي باري باشعور رهن، ڪڏهن به پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي برداشت نه ڪن ۽ پنهنجون شڪايتون، وومين سيل ۾ درج ڪرائن. مرد سماج کي به منهنجي راءِ آهي ته هو عظيم ۽ ڪامل انسان ٿئي.

 

عورتن کي سندن حق ڏين، پراڻا وچار ڇڏي انسانيت جي صلاحيت کان فيضياب ٿين، پنهنجي اندر ڪومل احساس، رحم، بخشش جو جذبو پيدا ڪري عظيم انسان ٿين. ايجنسين کي به مان اهو ضرور چوندس ته پنهنجي ڪاروباري شئين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ عورتن جي جسم جو ذڪر نه ڪرڻ. جيڪي والدين رڳو پئسن جي خاطر پنهنجي نياڻين جون شاديون پرديس ۾ ڪري رهيا آهن، هو پنهنجي نياڻين جو نصيب برباد نه ڪن.

 

مذهبي، سماجي، معاشي ۽ سياسي ميدانن ۾ عورت جي قبوليت جي نئين دور جي آغاز ڪرڻ منهنجي تحرير جو موضوع آهي. قبوليت جي هن رستي ۾ ايندر بندش جو خاتمو ڪري اسان سڀني کي اڳتي وڌڻو هوندو. پارليامينٽ ۾ عورتن لاءِ 33 سيڪڙو محافظ سيٽن جو بل پاس ڪرڻو پوندو ته جيئن عورت امرتا پريتم جي چوڻ موجب تي هلڻ لاءِ مجبور نه ٿئي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com