کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > بنت حوا

بنت حوا

صوفيه بيدار
March 9th, 2008

8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ بيشمار عورتن لاءِ خوشي جو ڪارڻ آهي پر منهنجو دل چوي ٿو ته مان هڪ اهڙي تنظيم سان وابسته آهيان جنهن جو ڏينهن معذورن، انڌن، ڪمزورن ۽ جانورن جي ڏينهن جيان ملهايو وڃي ٿو. هن هڪ ڏينهن ۾ منهنجون سموريون ڪمزوريون ۽ لاچاريون واضع ٿينديون آهن.

 

ماڻهون تسليم ڪندا آهن ته عورت کي سندس حق ملڻ گهرجن، ڪهڙا حق؟ هو اڄ ڏينهن تائين مڪمل باشعور ناهي ٿي سگهي. ڪيتريون ئي عورتون سرخي پائوڊر، بيوٽي پارلر ۽ پارڪن ۾ گهمڻ کي پنهنجو حق سمجهنديون آهن. عورتن جو وڏو انگ ٻاهر گهمڻ ڦرن ۽ پردو نه ڪرڻ کي آزادي سمجهنديون آهن. ڪيتريون ئي عورتون پنهنجي مڙس جي ڪمائي جو وڏو حصو سنڀالڻ ۽ جواب ۾ تسليم جي عمل کان گذرڻ کي حق ۽ آزادي سمجهنديون آهن.

 

ڪيترين ئي عورتن کي اڪثر اهو چوندي ٻڌو وڃي ٿو ته ”منهنجي مڙس مونکي آزادي ڏني آهي“ مون اڄ ڏينهن تائين اهڙو غلامي وارو جملو ناهي ٻڌو. وڏا ۽ مهان دانشور ان جملي جي ذريعي اهو ظاهر ڪندا آهن ته اسين عورت کي ايتري آزادي ڏئي سگهئون ٿا ۽ ايتري نه. اڪثر ڪجهه عورتون طاقتور انداز ۾ چونديون آهن ته اسانکي آزادي ڏيڻ وارا توهان ڪير ٿيندا آهيو؟ توهان ته پاڻ هڪ غلام معاشري جا فرد آهيو. هو معاشرو جٿان جو مرد پاڻ آزاد ناهي، هن کان آزادي جو مطالبو ڪرڻ آزادي جي توهين آهي.

 

جبر ۽ ظلم جي چڪي ۾ پيڙهيل سماجي ناهمواري ۽ ناانصافي جي سيلاب ۾ لُڙهيل ماڻهون گهرن ۾ ڪهڙي آزادي جا ڏيئا ٻاريندا؟

 

اسانجي جسمن ۾ خلين جي شڪل ۾ ۽ ذهن ۾ جينز جي صورت غلامي ٽرانسفر ٿي رهي آهي. اسين هر عزت ۽ محبت ڪندڙ ماڻهون کي قربائتو سمجهندا آهيون ۽ ماڻهون جي ڳالهائڻ کان سندس طاقت جو اندازو لڳائيندا آهيون. حالانڪ صورتحال هن جي اٻتڙ آهي. ظلم سدائين خاموشي جي پردي ۾ ٿيندو آهي. ڪڙڪندڙ ماڻهون بالڪل سڌا هوندا آهن، پنهنجي پاڻ ۽ ٻين جي آڏو پنهنجي طاقت جو اظهار ڪرڻ لاءِ هو رڙيون ڪندا آهن. اعلي سطح جا ظالم خاموشي سان وڏا وڏا فيصلا ڪندا آهن.

 

عورتن جي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو آبادي جهنڊا، اين جي او ۽ بينر کڻي 8 مارچ جي ڏينهن پروگرام ڪري رهيون هيون. پنهنجي بيوسي تي روڄ راڙو ڪري رهي آهي پر ڪو به فيصلو نٿي ڪري سگهي.

 

ڏاج جي مسئلن تي دانهون ڪندڙ شادي کان انڪار نٿا ڪن، مارڪُٽ جو شڪار عورتون ٻارن جي مستقبل لاءِ ٺاهه نه ڪنديون آهن ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر ۾ هنن جي پڙهائي ڇڏائي هنن کي شادي جي ڄار ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. جٿي وسڻ لاءِ هو جادو ڪنديون آهن. هي مرد سان به خلوص جو اظهار ناهي ته گهر جون عورتون هر وقت هن کيس خانداني سياست ۾ نچائينديون رهن پر هن جو ذميوار هو پاڻ آهي.

 

هي بادشاهي جو شوق آهي جنهن هن کي اڻڄاڻ تخت تي ويهاريو آهي ۽ جٿان ويهي هو پنهنجي خاندان ڏانهن چاندي جا سڪا اُڇلائيندو آهي. اڌوري تعليم، اڌوري سوچ، اڌوري تربيت ۽ خوبصورتي جي شوق عورت جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي. هو پاڻ کي اڄ به شو پيس کان وڌيڪ نٿي سمجهي. مرد وٽ تعريف جو اهڙو هٿيار آهي جنهن سان هو عورت کي ڪُهندو آهي جيڪو هڪ منفرد خوشي جو عالم آهي.

 

عورت ڪڏهن به محسوس ناهي ڪيو ته تحفو وٺڻ، هٿ وڌائڻ ۽ تعريف ٻُڌڻ سندس توهين آهي. ”توهان خوبصورت آهيو“ جو اصل مقصد اهو آهي ته توهانجي ذهن ۾ موجود ناهي. توهان رڳو هڪ جسم آهيو، هڪ اهڙو جسم جنهن وٽ سوچ آهي نه وري فيصلو ڪرڻ جي طاقت.

 

اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته ماضي جي عورت جنهن لائف پئڪيج ۾ هئي هن مهل هو پنهنجي لاءِ سهولتون ڳوليندي هئي. مستقبل جي عورت به ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ واري آهي جڏهن ته سڄو خفو هن دور جي عورت لاءِ آهي. اهو دور ڪنفيوزن جو دور آهي. جنهن ۾ عورت پنهنجي سمت وڃائ ڇڏي آهي.

 

واپسي جا در به بند ٿي چُڪا آهن ۽ اڳتي جو سفر به ڌنڌلو آهي. هي وڌي خوشي جي ڳالهه آهي ته اهڙي حالات ۾ به اڃان تائين عورت لاڳيتو پنهنجو سفر طئي ڪري رهي آهي. پر هاڻ عورت وٽ اهڙي طاقت آهي ته هو پنهنجي اولاد کان به مدد طلب ناهي ڪندي، پر هو پنهنجي اولاد جا مسئلا حل ڪندي آهي، تعليم تربيت ئي هو رستو آهي جيڪو کيس بيگماتي ڪشش مان ڪڍي مزدوري ڪرائيندو آهي.

 

جيڪڏهن عورتن جي بيوسي جو اندازو هنيو وڃي ته عورتن جو سڀ کان مظلوم طبقو هو آهي جيڪو صبح 12 وڳي اُٿڻ کانپوءِ نوڪرن کي سڏيندو آهي، صبح جو سستي جي ڪري بيڪار، منجھند جو ميڪ اپ ۽ سينگهار ڪري پارٽيون، هوٽلنگ ڪندڙ عورتون، شام جو دعوت جي ڪري ٿڪل وجود، ساڻو جسم، گهريل گهه، پرائي عيش جا سامان، ڪجهه نه ڪمائڻ جي ڪمزوري، مرد جي دولت تي زنده رهندڙ وجود رڳو سڄو ڏينهن آرام ۽ ڪچهريون ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن.

 

ٻي طبقي ۾ انهن عورتن جو شمار ڪيو وڃي ٿو جيڪي گهر ۾ ڪم ڪار ڪري پنهنجي مُڙس جي ڪمائي يعني سندس مڙس جي دولت ۾ پنهنجو رت، پگهر شامل ڪري ماني کائينديون آهن. ائين سندن رت ۾ شامل ٿيل سرخي حلال ٿيندي آهي.

 

مٿين طبقي واريون عورتون اُهي آهن جيڪي ٻارن کي اسڪول ۾ ڇڏي نوڪري ڪنديون آهن، بزنس ڪنديون آهن، ۽ آفيس کان واپس اچي ٿانو، ماني ٽڪي ۾ مصروف ٿي وينديون آهن. مان انهن عورتن کي سلام پيش ڪندس ۽ کين اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته توهان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي هيڻو نه سمجهو. توهان سان ئي ايندڙ نسل جون خوشيون منسوب آهن.

 

موجوده دور جي عورت جي نانءُ منهنجي نئين نظم جا ڪجهه بيت:

 

حساب مهر و مان ڪي دهر سي نڪلون تون سوچون

وه ڪيسي دائمي احساس ٿي تنهائيون ڪي

روايت ٿام ڪي جن ڪو مجھي ڇوني چيل هي

وه ڪيسي بي امان لمحي ٿي مان ڪي جسم سي هو ڪر

مقفل هوگئي هين خانه دل مين ڪڇ اس طرح

ڪه گردن پر نشان مقل ڪي گهري رات مين ديکون

ميرا ماضي مري پستي اور اس په آني والا ڪل

مجسم سوچ ڪي سولي پر چڙهه ڪي پوڇتا هي

خطا ڪيا ٿي.....؟؟؟؟

دهڪتي بي امان بي سمت هي ڀٽڪتي هوئي روحين

جلين گي ڪت تلڪ ڪسي جرم ڪي پاداش مين اور ڪيون.؟؟؟

يه قيد وبند ڪي صعوبت

يه بن پوڇي نڪاح ڪي رسم

سواره اور وني ڪي طوق مين لرزيده خميه زن هين

ڪتني بي امان چهري دريده پيراهن

ڪه جنڪي لاش پي رقصان هين ڪيسي سربڪف شوريده سر

دستار مين لپٽي غرور آدميت مين ڍڪي مغرور چهري

کڙي شملي تو اُجلي پيرهن

ميرا ماضي مري هستي مرا يه آني والا ڪل

سوال بن ڪي مجهه سي پوڇتا هي

يه ڪيا گزري هي تجهه پر تو مڪين هي اس طرح گهر مين

ڪه هر احساس ڪا لمحه تري خوابون ڪي جنت مين مجسم خوف بن ڪي دندناتا هي

ڪڀي بيوي ڪڀي بيٽي ڪڀي اڪ بهن ڪي صورت

بسيرا رهتا هي تيرا سوا اورون ڪي گهر پر هي

تُجهي بسنا هي تو خوشنودي آدم مي ضم هو ڪر

زمين ڪي صوت مين يه بنت حوا بين ڪرتي هي

مرا حصه مري دنيا مري مرضي ڪو لوٽا دو

جو صحرائي عرب ۾ صديان پهلي نخل هستي پهوٽني سي قبل مجهه ڪو مل چڪا ٿا

 


 

 

Powered by: PHPCow.com