کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > ڪرسٽين: جنهن نيويارڪ رياست لوڏائي

ڪرسٽين: جنهن نيويارڪ رياست لوڏائي

وچار ڊيسڪ
March 21st, 2008

جنهن ڇوڪريءَ جي سبب نيويارڪ جي گورنر ايليٽ سپٽزر کي بيعزت ٿيڻ کانپوءِ گورنري جو عهدو ڇڏڻو پيو هن ڇوڪري کي، ڇوڪريون سپلاءِ ڪندڙ ڪمپني ايمپررز ڪلب وي آءِ پي ۾ ڪرسٽين جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن ڇوڪري کي گورنر جي لاءِ هڪ هزار ڊالرز في ڪلاڪ جي حساب سان بُڪ ڪيو ويو هو.

 

اهو ڪلب بعض ڇوڪرين لاءِ 43 سئو ڊالر في ڪلاڪ به چارج ڪندو آهي. ڪرسٽين پهريون ڀيرو واشنگٽن فلاور هوٽل ۾ گورنر سان رهي، خبر ناهي ته هن بعد ۾ گهڻو ڀيرو گورنر سان ملاقات ڪئي.

 

ڇوڪري جو اصلي نالو ڪرسٽين نه ايشلي اليگزنڊرا ڊپري آهي. والدين سندس نالو ايشلي يومنز رکيو هو پر هن پنهنجو نالو تبديل ڪيو ۽ هاڻ کيس مس ڊوپري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

 

هن ڇوڪري جو خاندان 17 سالن کان هڪ رياست کان ٻي رياست ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو آهي. هو پيشه ور سنگر ٿيڻ چاهيندي هئي ۽ هاڻ به چاهي ٿي، هن ويب سائٽ تي سندس گانا پڻ اپلوڊ ڪيا آهن.

 

نيويارڪ اسڪينڊل تي سندس ڀاءُ ڪائل يومنز چيو آهي ته منهنجي ڀيڻ مضبوط دل جي مالڪ آهي ۽ هو هر خطري کي منهن ڏئي سگهي ٿي. سندس ماءُ جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌيءُ سياڻي آهي پر هو فقط 22 سالن جي عمر ۾ اهڙا وڏا وڏا ڪم ڪري رهي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com