کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > ڇوڪرين لاءِ گهڻي شوخي صحيح ناهي

ڇوڪرين لاءِ گهڻي شوخي صحيح ناهي

وچار ڊيسڪ
March 27th, 2008

ريسرچ مطابق گهڻيون شوخ ڇوڪريون مصيبت جو شڪار ٿي سگهن ٿيون. 21 سال جي 800 ڇوڪرين تي ڪيل هڪ ريسرچ کان معلوم ٿيو آهي ته ڇوڪرين ۾ گهڻي شوخي جي سبب سندن نوڪري خراب ٿي سگهي ٿي، هنن جا ناجائز تعلقات بڻجي سگهن ٿا ۽ گهٽ عمر ۾ جو جنسي بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿيون.

 

هن کان پهريان ڪيل هڪ جاچ ۾ ننڍپڻ ۾ ڇوڪري جي شوخي تي جاچ ڪئي وئي جنهن کان معلوم ٿيو هو ته ڇوڪرين ۾ موجود شوخي کي آساني سان سڃاڻي ۽ هن جو علاج ڪري سگهجي ٿو. ڪئنيڊا ۽ انگلينڊ جي ريسرچ ”جنرل سائڪلوجي ميگزن“ ۾ شايع ٿيون آهن.

 

کوجين جو مڃڻ آهي ته اهڙي قسم جي شوخ ڇوڪرين جي والدين کي اسڪولن ۾ سندن بهتر ڪارڪردگي لاءِ شروع کان ئي سندن عادتن کي ڌيان ۾ رکي سندن مدد ڪرڻ گهرجي.

 

6 کان 21 سال جي ڇوڪرين تي ڪيل جاچ ۾ آرام سان ويهڻ ۽ بيچين ٿيڻ تي جاچ ڪئي وئي آهي.

 

”من مرضي“

 

کوجين اهڙي ڇوڪرين کي جسماني طور تي به پرکيو آهي جيئن وڙهڻ، مارڪُٽ ڪرڻ سان گڏ چڪ وڍڻ وغيره.

 

10 مان هڪ ڇوڪري ۾ اعلي سطح جو شوخ پن موجود هيو جڏهن ته ٻيون ڇوڪريون شوخ هجڻ سان گڏ منهن زور ۽ ويڙهاڪ به هيون.

 

هن جاچ مطابق سڀ کان گهڻي شوخ يا منهن زور ڇوڪريون سگريٽ نوشي ڪنديون آهن ۽ جڏهن هو ناجائز تعلقات ۾ ناڪام ٿينديون آهن ته ان جو اثر سندن تعليمي معيار تي پوندو آهي ۽ سندن ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي.

 

جڏهن ته شوخ ۽ منهن زور ٻئي قسم جون ڇوڪريون گهٽ عمر ۾ جنسي بيماري ۾ متبلا ٿينديون آهن ۽ سندن جنسي جذبات وڌي ويندا آهن.

 

جڏهن ته سادي ڇوڪرين ۾ اهڙيون بيماريون ناهن.

 

يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي کوجين ۽ ان جاچ جي مُکيه ڊاڪٽر نٿالي فونٽين چيو آهي ته ”پهريان ڪڏهن به ڇوڪرين جي شوخ پن تي اهڙي کوج ڪونه ٿي آهي“

 

”اسڪولن ۾ ڪارڪردگي“

 

سندن چوڻ آهي ته ”ڇوڪرين جي مقابلي ڇوڪرن ۾ به شوخي هوندي آهي ۽ شوخ ۽ منهن زور ڇوڪرا به اهڙي بيمارين ۾ مبتلا ٿيندا آهن“.

 

سندن چوڻ آهي ته هي بالڪل نئين ڳالهه آهي ڇاڪاڻ سڀ کان وڌيڪ مسئلا اسڪول جي خراب ڪارڪردگي جي سبب پيدا ٿيندا آهن. هنن جي مطابق ”اهڙي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن ته اهڙي مسئلن جو بنيادي جائزو وٺڻ کانپوءِ حفاظتي اُپاء ورتا وڃن.“

 

سائوٿ ويسٽ لنڊن ۾ بال ۽ ڪشور سائڪلوجي جي صلاح ڪار ڊاڪٽر موريس جو چوڻ آهي ته شوخ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ اهڙي بيماري جون علامتون موجود آهن.

 

سندس چوڻ آهي ته ڇوڪرا به شوخ هوندا آهن پر اسانکي سندن باري وڌيڪ جانڪاري ناهي. هن اهو به ٻڌايو آهي ته ”ڇوڪريون ڪنهن به ڳالهه تي ايترو ڌيان ڪونه ڏينديون آهن ان ڪري هنن کي ڇڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن کي به وڌيڪ پريشان ڪونه ڪنديون آهن.“

 


 

 

Powered by: PHPCow.com