کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > ڏکڻ ڪوريا جي پهرين خلاباز عورت

ڏکڻ ڪوريا جي پهرين خلاباز عورت

وچار ڊيسڪ
April 10th, 2008

ڏکڻ ڪوريا جي پهريان خلاباز عورت اڱاري تي بين الاقوامي خلائي اسٽيشن جي مشن تي روانو ٿيندي. مس يي ۽ ٻه روسي خلاباز تقريبن يارهين وڳي قازقستان جي بيڪنور سينٽر کان روانو ٿيندا. ڪوريا جي 29 ورهين جي انجينيئر خلا ۾ 10 ڏينهن تائين قيام ڪندي ۽ ان دوران سائنسي تجربه پڻ ڪندي.

 

هن مهم کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا خلا ۾ خلاباز موڪليندڙ 6 ايشيائي ملڪ بڻجي ويندو. ڪوريا جي ايرو سپيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو چوڻ آهي ته خلائي مهم جا آخري انتظام يا تياريون تمام منظم طريقي سان جاري آهن. صدر پيڪ هونگ يلنه چيو آهي ته ”مس يي جي صحتمند آهي ۽ اسانکي اُميد آهي ته اسين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا سين“.

 

مس يس کي 36 هزار درخواست گذارن مان چونڊيو ويو آهي ۽ ان مشن لاءِ ڏکڻ ڪوريا 20 ملين ڊالرز خرچ ڪري رهيو آهي. ابتدائي طور تي هڪ متبادل خلاباز جي طور تي چونڊيل مس يي کي ان مهل خلاء ۾ وڃڻ جو موقعو مليو جڏهن پهرين چونڊيل 31 ورهين جي عورت سپيس سنٽر جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي.

 

سومر تي هڪ نيوز ڪانفرنس سان خطاب ڪندي مس يي کان پڇيو ويو ته هو بين الاقوامي خلائي اسٽيشن پهچي سڀ کان پهريان ڪهڙو ڪم ڪندي ته هن جواب ڏنو ته ”منهنجو خيال آهي ته مان سڀ کان پهريان چوندس، ”وائو“.

 

هن چيو آهي کيس اُميد آهي ته سندس خلائي سفر کان اُتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جا تعلقات بهتر ٿيندا. مس يي ٻنهي روسي ساٿين سان گڏ زمين تي 19 اپريل تي ورندي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com