هندستان ماءُ جي رهڻ لاءِ بهترين هنڌ ناهي. هڪ عالمي سروي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڪهڙي هنڌ مائرون سُکي رهنديون آهن ته ڪٿي ڏکي، گهٽ ترقي پذير ملڪن ۾ هندستان جو نمبر 71 ملڪن مان 66 نمبر تي آهي.
هن کان علاوه بهترين ملڪن ۾ سوئٽزرلينڊ، پوپائو نيو گنيا ۽ نائجيريا آهن. جٿي هندستان جي پاڙيسيري ملڪن مان چين جو نمبر انهن ملڪن مان 15 آهي هتي پاڪستان 69 نمبر تي هنن 5 ملڪن ۾ آهي جٿي حال هندستان کان به بدترين آهي. بنگلا ديش 13 نمبر تي آهي ۽ نيپال 11 نمبر تي آهي.
آمريڪا جي انساني حقن جي تنظيم پاران 2008ع ۾ پيش ڪيل هن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هندستان ۾ هر 70 مائرن مان هڪ ماءِ سندس ٻار کي جنم ڏيندي مهل مري وڃي ٿي جڏهن ته چين ۾ هر 1300 مان هڪ ماءِ اهڙي حالت ۾ مرندي آهي ۽ پاڪستان ۾ هر 74 مان هڪ. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته هندستان ۾ 53 سيڪڙو مائرن کي ٻار پيدا ڪندي مهل ماهر دائي يا ڊاڪٽر ڪونه ملندا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ هر سال 50 ملين عورتون گهرن ۾ بنا ڪنهن ماهر دائي جي ٻار پيدا ڪنديون آهن ۽ هنن مان پنج لک ٽيٽيهه هزار عورتون ٻار پيدا ڪندي مهل مرنديون آهن. جڏهن ماءِ مرندي آهي ته ٻار جي مرڻ جو چانس به ٽن کان ڏهه سيڪڙو وڌي ويندو آهي.
هر سال چار ملين معصوم ٻار مرندا آهن. جڏهن ماءُ غريب ۽ اڻپڙهيل هجي ۽ صحت جون بنيادي سهولتون حاصل نه ڪري سگهنديون هجن ته پوءِ هنن جو پنهنجي ٻارن سميت مرڻ جو چانس الاهي وڌي ويندو آهي.