کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > اجتماعي زنا جي شڪار ٿيل عورت پاران ڪپڙا لاهي احتجاج

اجتماعي زنا جي شڪار ٿيل عورت پاران ڪپڙا لاهي احتجاج

ويچار ڊيسڪ
May 20th, 2008

موگا، 19 مئي (جسپال سنگهه ببي، سرندي پال سنگهه) اڄ موگا شهر ۾ هن مهل انسانيت لڄي ٿي جڏهن پوليس پاران انصاف نه ملڻ کانپوءِ اجتماعي لڄالُٽ جي شڪار ٿيل عورت ڪپڙا لاهي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي. اسانجي ويجهي ڳوٽ گھل ڪلان جي عورت پرمجيت ڪور، جنهن سان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽن ماڻهن اجتماعي زنا ڪيو هو، پاران بار بار پوليس اهلڪارن کي ڏوهارين جي خلاف ڪاروائي جي شڪايت ڪئي وئي پر پوليس ڪاروائي ڪونه ڪئي.

 

پرمجيت ڪور مايوس ٿي ڪري پوليس کي ڪجهه ڏينهن اڳ خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن کيس انصاف ڪونه ڏنو ويو ته پوءِ هو اُگهاڙي ٿي ڪري ڊي سي آفيس تائين احتجاج ڪندي. اهلڪارن پاران هن ڌمڪي کي درگزر ڪرڻ کانپوءِ اڄ هن مُک چوسول جي ويجهو تاڻي سٽي وٽ پوليس اهلڪارن جي موجودگي ۾ سرعام ڪپڙا لاهي احتجاج ڪيو.

 

هن دوران پوليس انسپيڪٽر سربجيت سنگهه ترت ڪاروائي ڪندي عورت کي ڪپڙا پهرائي کيس ٿاڻي آندو. پر هن مهل ليڊيز پوليس جو ڪو انتظام نه هيو. متاثر ٿيل عورت پرمجيت ڪور ٻڌايو آهي ته ڏهه ڏينهن اڳ رات جي مهل منهنجي ڏير جو پُٽ ۽ سندس ٻه دوست منهنجي گهر آيا ۽ مون سان اجتماعي زنا ڪيو. ۽ سندس ننڍي ڌيءُ سان به بدسلوڪي ڪئي.

 

هن چيو ته 9 مئي جي رات آئون سول اسپتال داخل ٿيس ۽ ليڊي ڊاڪٽر ميڊيڪل ڪرڻ کانپوءِ ٿاڻي صدر ۾ رپورٽ ڪئي پر مونکي انصاف ڪونه مليو. 18 مئي تي هنن وري مون سان اجتماعي زنا ڪيو. هن ٻڌايو ته منهنجا چار ٻار آهن ۾ مان پنهنجي مڙس کان ڌار رهندي آهيان. هن چيو آهي ته پوليس پاران انصاف نه ملڻ کانپوءِ هن ڪپڙا لاهي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

 

عورت سان زنا ڪندڙ ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل

 

شام جي مهل مليل جانڪاري موجب انصاف وٺڻ لاءِ ڪپڙا لاهي ناراضگي جو اظهار ڪندڙ عورت پرمجيت ڪور جي خلاف اڄ موگا جي ٿاڻي سٽي 1 ۾ فحاشي ڦهلائڻ تي قانون منبر 189، 294،506 هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن مامري جي جاچ اي ايس آءِ بلوندر سنگهه ڪري رهيو آهي.

 

جڏهن ته ٻي پاسي پرمجيت ڪور جي بيان موجب ٿاڻي صدر ۾ ڪرپال سنگهه عرف سوني پٽ رنجيت سنگهه، ڇندر سنگهه عرف گوري پُٽ ڪرنيل سنگهه رهندڙ دووين گھل ڪلان خلاف زنا جو ڪيس نمبر 59، ڪيس 372،120 بي هيٺ داخل ڪيو ويو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com