کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > هندستاني عورتون ٻاهريان ملڪن کان آيل ماڻهن سان شادي ڪرڻ کان راضي ناهن

هندستاني عورتون ٻاهريان ملڪن کان آيل ماڻهن سان شادي ڪرڻ کان راضي ناهن

ويچار ڊيسڪ
June 3rd, 2008

بهترين نوڪريون، آزادي جي زندگي، پنهنجي خاندان جي خدمت. هي ڪجهه ڪارڻ آهن جنهن جي سبب هندستان ۾ بهترين نوڪريون يا ڪاروبار ڪندڙ عورتون ٻاهرين ملڪن کان آيل هندستانين سان شادي ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ راضي ناهن. ۽ هن جي سبب ٻاهرين ملڪن کان آيل هندستاني ماڻهن جي ڊمانڊ گهٽجي وئي آهي جنهن جي ڪڏهن شادي جي منڊي ۾ وڏي ڊمانڊ هوندي هئي.

 

ميڪ اپ ۽ هيئر ڊريسنگ جي ماهر سواتي گپتا جو چوڻ آهي ته هو بينگلور ڇڏي هندستان کان ٻاهر ڪونه ويندي. ”ائين ته ٿي نٿو سگهي جو مان بينگلور ڇڏي ڪنهن ٻي ملڪ وڃان. مان هتي سٺي نوڪري ڪندي آهيان. مان اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻاهريان آيل هندستاني لاءِ نٿي ڇڏي سگهان“. ڪاروبار کان علاوه به هتي پنهنجي والدين جي خدمت لاءِ رهڻ چاهيان ٿي. سندس چوڻ آهي ته ”منهنجي خواهش آهي ته ڪجهه ورهين کانپوءِ منهنجا والدين گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهر وڃن ۽ مان پنهنجي گهر جي سار سنڀار ڪريان. ان ڪري مان ڪنهن بينگلور جي ماڻهون سان ئي شادي ڪندس“.

 

ميڊيا سروس ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ سونيا به سندس خاندان جي سبب ڪنهن ٻاهرين ملڪ کان آيل هندستاني سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪونه آهي. سندس چوڻ آهي ته ”هن کان علاوه هن ماڻهون سان شادي ڪرائڻ خطري جي ڳالهه آهي جيڪو هزارين ميلن کان آيو هجي. ڪنهن بالڪل ناواقف ماڻهون سان شادي ڪرڻ ۾ سدائين خطرو هوندو آهي.“

 

هري بابو انجام هڪ شادي ڪرائڻ واري ڪمپني جي مالڪياڻي آهي. سندس چوڻ آهي ته بهترين نوڪرين جي سبب ڇوڪريون ٻاهريان آيل هندستانين سان ڪنهن به قسم جي دلچسپي ڪونه رکنديون آهن. ڇوڪريون بهترين نوڪريون ڪنديون آهن ۽ کين سٺي پگهار ملندي آهي. هو ڪنهن ٻاهرين ملڪن کان آيل ماڻهون لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ راضي نه آهن جيڪو ڪڏهن به هتي ڪونه رهيو آهي.

 

اوشا هڪ آئي ٽي ڪمپني ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ”مون ۾ ايتري سگهه ناهي ته مان پنهنجي نوڪري ڇڏيان ۽ اهڙي ماڻهون سان شادي ڪري ٻاهرين ملڪ وڃان جيڪو هتي ڪجهه به ڪندو آهي. مان هتي به شادي ڪري سگهان ٿي ڇاڪاڻ ته هي ڄاتل سڃاتل جاءِ آهي ۽ سڀاڻي پرينهن ڪو ڳالهه ٿي وڃي ته مان وري به پنهنجي نوڪري واپس حاصل ڪري سگهان ٿي.

 

هن کان علاوه ويلا ياديو جيڪو هڪ شادي آفيس جو مالڪ آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪي عورتون انٽرنيٽ تي رشتا ڳولنديون آهن هنن جي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ آباد هندستاني سان شادي ٿي. اها خطرناڪ ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ٽي يا چار مهينن کانپوءِ کين معلوم ٿيندو آهي ته اهو ماڻهون صحيح ناهي ۽ هو طلاق جو مطالبو ڪنديون آهن. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ هندستانين جي شادي کان اڳ بيشمار عشق هوندا آهن جڏهن اهي ماڻهون عشق ۾ ناڪام ٿي ويندا آهن ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن هندستاني ڇوڪري سان شادي ڪرڻ لاءِ ايندا آهن.

 

هن سان گڏ هو پنهنجي نالي ۽ پگهار جي باري به ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. ڪيترا ئي ماڻهون قرضن جي ڄار ۾ ڦاٿل هوندا آهن ۽ اُهي ڏاج جو مطالبو ڪندا آهن. ڪو به سياڻي ۽ عقلمند هندستاني عورت اهڙي ڪنهن به ماڻهون سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪونه ٿيندي.“

 


 

 

Powered by: PHPCow.com