لاهور ۾ گوالمنڊي جي هڪ مسيت جي مولوي جي پُٽ سندس دوست سان گڏجي ڪري مسيت جي مٿين ڪمري ۾ هڪ ڏهه ورهين جي ڇوڪري سان زنا ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري پاڻ سان زيادتي ڪندڙ ڇوڪرن مان مولوي جي پُٽ اياز کي سڃاڻي ورتو آهي. پوليس مسيت جي مولوي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
معصوم ڇوڪري جي ماءُ ٻڌايو آهي ته هن سندس ڌيءُ کي دڪان تي سودو وٺڻ لاءِ موڪليو هو. جڏهن ڇوڪري دير تائين موٽي ڪونه آئي ته سندس پيءُ کيس ڳولڻ لاءِ ويو پر ڇوڪري ڪونه ملي. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ڇوڪري گهر آئي ته سندس ڪپڙا رت سان ڀريل هئا ۽ گهر پهچڻ شرط هو بيهوش ٿي وئي. ڇوڪري جي والدين کيس ميو اسپتال پهچايو ته کين ٻڌايو ويو ته سندن نياڻي سان جبرن زنا ڪيو ويو آهي.
گوالمنڊي پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري ٻڌايو آهي ته ڏوهارين وٽ مسيت جي مٿين ڪمري جون ڪنجيون آهن. ڇوڪري جي هن بيان سان ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي ڇاڪاڻ ته مسيت جون چاٻيون مولوي وٽ هونديون آهن.
وسيلن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ عورتن پوليس جي خلاف نعريبازي ڪئي. هڪ مريض عورت هڪ وڏي آفيسر جي بيعزتي به ڪئي ڇاڪاڻ ته هڪ هفتو اڳ به گوالمنڊي جي هڪ 9 ورهين جي ڇوڪري سان سندس پنهنجي مامي ءَ سندس دوست جبرن زنا ڪيو هو. عوام جي نعريبازي کانپوءِ پوليس آفيسر اسپتال کان ٻاهر نڪري ويا.