اغوا براءِ ڀُنگ جي ذريعي جلدي دولتمند ٿيڻ جو خواب ڏسندڙ معطل لالچڻ اسٽيٽ ايجنٽ 23 ورهين جي امبر گل کي سندس اڳوڻي باس کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ ساڻس مارڪُٽ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏهه ورهين تائين جيل جي سزا ٻڌائي وئي آهي. 23 ورهين جي امبرين گُل فرم مان ڪڍي وڃڻ کانپوءِ ڪاوڙيل هئي ۽ هن پنهنجو منصوبو پورو ڪرڻ لاءِ هڪ پراڻي دوست ۽ ٻن ٺڳن کي شامل ڪيو. امبرين پنهنجي اڳوڻي باس وقاص ملڪ کي لالچ ڏئي ڪري پنهنجي فليٽ ۾ گهرايو جتي هن پنهنجي ساٿين جي مدد سان مٿس تشدد ڪيو، کيس مٿي تي بندوق جو قنداق هنيو.
ست ڪلاڪن تائين هنن ڏوهارين مان هڪ هن تي پهرو ڏيندو رهيو ۽ هن ڌمڪي ڏني جو ٻه لک پونڊ جو ڀُنگ ادا ڪونه ڪيو ويو ته پوءِ سندس 13 ورهين جو پُٽ زنده ڪونه رهندو ۽ هو پنهنجي فيملي کي وري ڪڏهن به ڪونه ڏسي سگهندو. سندس ذال کي بار بار فون ڪيا ويا ته جيئن هو جلدي رقم جو انتظام ڪري سگهي.
وقاص ملڪ کي نشي جي دوا ڏني وئي، پر جلدي امير ٿيڻ جو اهو منصوبو هن مهل ٽٽي پيو جڏهن 48 ورهين جو ايجنٽ بيمار ٿي ويو. لنڊن جي سائوٿ وارڪ ڪرائون ڪورٽ کي ٻڌايو ويو آهي جو اهڙي صورتحال کانپوءِ امبرين گل جلدي ڪاوڙجي وئي ۽ پريشان ٿي وئي پنهنجو ڏوهه لڪائڻ جي ڪوشش ۾ هن حڪم ڏنو جو وقاص ملڪ کي جنهن جي جسم مان رت وهي رهيو هو کيس اکين تي پٽي ٻڌي ڪري آفيس چيئر تي ويهاري گاڏي ۾ ويهاري اهو ٽولو کيس بيهوشي جي حالت ۾ سندس گهر وٺي ويو ۽ سندس ذال کي ٻڌايو ويو جو هو نشي ۾ هيو ۽ هن مون سان جنسي ذيادتي ڪئي آهي.
جڏهن کيس اسپتال پهچايو ويو ته ڊاڪٽرن چيڪ اپ ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو جو وقاص جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن. ٽيپ سان هٿ ٻڌڻ سبب سندس ٻانهن تي نشان پئجي ويا هئا. هير اسٽريٽ جي امبرين گُل سان ويمنڪٽن گارڊنر پارڪنگ ايسڪس جي ارڙهن ورهين جي مقصود علي کي ست سال نو مهينن جي ويسٽ روڊ رائيو پارڪنگ جي 21 ورهين جي قاسم احمد کي اٺ سال قيد ۽ سر بيٽن سري جي 20 ورهين جي شڪيب چوڌري کي ساڍا اٺ ورهين جي سزا ٻڌائي وئي. 14 ڏوهارين کي گذريل سال کان 2 جون تائين هڪ تاجر کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ بليڪ ميل ڪرڻ ۽ جعلي اسلحو رکڻ ۽ زهريلو مواد ڏيڻ جي الزام ۾ سزائون ٻڌايون ويون.