هڪ برطانوي صحافي ۽ عوامي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عورت يوون رڊلي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته هڪ پاڪستاني عورت گذريل چار ورهين کان افغانستان ۾ آمريڪي اڏي بگرام ۾ قيد آهي. رڊلي جو چوڻ هو ته ”آئون اڄ به سندس مدد ڪرڻ لاءِ روئيندي آهيان. پنهنجي لاءِ نه، هڪ پاڪستاني عورت لاءِ جنهن سان منهنجي ملاقات ٿي آهي نه وري توهانجي. کيس آمريڪين افغانستان ۾ قيد ڪيو آهي ۽ هن کي مدد جي ضرورت آهي.“
رڊلي ٻڌايو آهي ته کيس پهرين دفعي هن عورت باري تڏهن خبر پئي جڏهن هن گوانتاناموبي ۾ قيد رهندڙ معظم بيگ باري هڪ ڪتاب پڙهي. هن چيو آهي ته جولاء 1955 ۾ بگرام اڏي کان فرار ٿيندڙ چار عرب عورتن مان هڪ عورت ٽي وي چئنل کي ٻڌايو هو ته هن قيد ۾ هڪ عورتن جي روئڻ پٽڻ جون رڙيون ٻڌيون هيون پر هن ڪڏهن به هن عورت کي ڪونه ڏٺو هو.
رڊلي جو چوڻ آهي ته هن عورت جو قيدي نمبر 650 رجسٽر آهي ان ڪري آمريڪي سندس باري ڪنهن قسم جي انفارميشن ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. رڊلي آمريڪي فوج کان مطالبو ڪيو آهي ته هن عورت کي جلدي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو آهي ته اسانکي سندس باري ڄاڻ ڪونه آهي. اسانکي خبر ڪونه آهي ته سندس ذهني حالت ڇا آهي، اسانکي خبر ڪونه آهي ته مٿس ڪيترو ظلم ڪيو ويو آهي.
هن چيو آهي ته اولهه جي ڪنهن عورت سان اهڙو رويو ڪڏهن به اختيار ڪونه ڪيو ويو.
طالبان رڊلي کي 2001ع ۾ بنا ڪاغذن جي افغانستان ۾ داخل ٿيندي گرفتار ڪيو هو ۽ پوءِ 11 ڏينهن قيد رکڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو هو. پوءِ 2003ع ۾ هن اسلام قبول ڪيو. رڊلي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مهل تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان به هن سان گڏ هيو. عمران خان پيپلز پارٽي جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آمريڪا کان هن عورت جي باري ڄاڻ حاصل ڪري.
عمران خان جو چوڻ آهي ته اها عورت ڊاڪٽر عافيه صديقي ٿي سگهي ٿي جنهن کي ڪجهه سال اڳ هڪ پاڪستاني ايئر پورٽ کان گرفتار ڪيو ويو هو. سندس چوڻ آهي ته ڪنهن کي به غير قانوني طور تي قيد رکڻ عوام جي حقن جي خلاف آهي. پرڏيهي آفيس ڪنهن به پاڪستاني عورت جي قيد هجڻ جي ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هن الزام جي جاچ ڪئي ويندي.