کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > رتو ڏيرو ۾ جرڳي پاران ٻه معصوم نياڻيون وني ڪيون ويون

رتو ڏيرو ۾ جرڳي پاران ٻه معصوم نياڻيون وني ڪيون ويون

ويچار ڊيسڪ
July 8th, 2008

رتو ڏيرو جي ويجھو ڪاروڪاري جي جھيڙي ۾ جرگي جي فيصلي موجب زوري ڪاروڪاري طئي ٿيل نوجوان جي ٻن ڀائيٽين کي وني ڪري جرگي ۾ ئي ٻنهيءَ جو نڪاح ڪري موڪليو ويو آهي. هن سان گڏ ڏيڍ لک رپيه جرمانو ۽ ڳوٺ بدر ڪرڻ جي سزا پڻ ٻڌائي وئي آهي.

 

تفصيل موجب هڪ مهينو اڳ رتو ڏيرو جي ويجھو شر ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان عورت زاهده خاتون کي ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو هو. سومر تي شر برادري جي وڏيرن رانو خان شر، قلندر بخش شر، مير جان شر ۽ علڻ خان شر جي صدارت ۾ هن قتل باري جرگو ٿيو.

 

جرگي ۾ قتل ٿيل ڇوڪري جي پيءُ محمد مٺل شر ڪاروڪاري جي ڏوهي نوجواب اسد الله شر جي وڏي ڀاءُ ارباب علي شر کان بيان ورتا ويا. بعد ۾ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ مري ويل ڇوڪري زاهده کي ڪاري ۽ ڇوڪري اسد الله شر کي ڪارو طئي ڪيو ويو. وڏيرن پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڪارو طئي ٿيل اسد شر جي ٻن ڀائٽين کي وني قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڏوهاري اسد الله شر کي ڏيڍ لک جرمانو ڏيڻ جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ ٻن ورهين تائين ڳوٺ ۾ داخل نه ٿيڻ جي سزا ڏني وئي آهي.

 

هن موقعي تي ٻنهيءَ ڌرين جي رضامندي سان وني وارو فيصلو ڪيو ويو. 10 ورهين جي نور جهان ۽ سندس 11 ورهين جي ڀيڻ وزيران جو نڪاح قتل ٿيندڙ ڇوڪري جي ٻن ڀائرن عباس علي شر ۽ زاهد علي شر سان ڪرايو ويو ۽ ٻنهيءَ معصوم ڇوڪرين کي انهيءَ مهل هنن سان گڏ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو. فيصلو ٻڌڻ کانپوءِ ٻئي ڀئنريون روڄ راڙو ڪنديون رهيون.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com