سائنسي ماهرن جي هڪ نئين ريسرچ موجب جيڪي نوجوان ڇوڪريون گهڻي وقت تائين انٽرنيٽ استعمال ڪنديون آهن، تمام گهٽ سمهنديون آهن ۽ وري شراب پيئنديون آهن اُهي جلدي ٿُلهيون ٿينديون آهن.
ماهرن 14 کان 21 ورهين جي 5000 ڇوڪرين باري هڪ سال ۾ ريسرچ ڪئي آهي ۽ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته جيڪي ڇوڪريون جيتري دير تائين انٽرنيت استعمال ڪنديون آهن سندن جسم اوتري جلدي ٿلهو ٿيندو آهي. اهو اثر انهن ڇوڪريون ۾ به ڏٺو ويو آهي جيڪي وڌيڪ شراب پيئنديون آهن يا گهٽ سمهنديون آهن.
ريسرچ ۾ 5036 ڇوڪرين کان سوال پڇيو ويو جنهن کانپوءِ ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو ته جيئن جيئن انٽرنيٽ جو استعمال وڌندو آهي تيئن تيئن ڇوڪرين جو وزن به وڌندو آهي. اها ڳالهه خاص طور تي ارڙهن ورهين کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين ۾ تمام گهڻي ڏسڻ ۾ آئي آهي.