کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > فرانس: 16 ورهين جي ڌاڙيل راڻي گرفتار

فرانس: 16 ورهين جي ڌاڙيل راڻي گرفتار

ويچار ڊيسڪ
July 26th, 2008
5 / 5 (1 Votes)

فرانس جي شهر پيرس ۾ بئنڪ رابري جي ڏوهه ۾ هڪ 16 ورهين جي نوجوان ڇوڪري کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي باري چيو وڃي ٿو ته اُها ڇوڪري هن کان پهريان به علائقي ۾ ٿيل 7 ڌاڙن ۾ شامل آهي. سرڪاري وڪيل هن باري ڪجهه نه ٻڌايو آهي ته ڌاڙا ڪيئن ٿيا يا هنن ۾ ڇوڪري ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو.

 

پوليس جو چوڻ آهي ته هن ڇوڪري کي اڱاري تي HSBC بئنڪ جي هڪ برانچ ۾ ڌاڙي کانپوءِ تحقيق ڪندي گرفتار ڪيو ويو هو. ڇوڪري کان بئنڪ مان ڦر ٿيل پئسن مان ڪجهه پئسا پڻ بازياب ٿيا آهن. جڏهن پوليس موقعي واردات تي پهتي ته ڇوڪري جا دوست ڪار ۾ فرار ٿي ويا هئا.

 

پوليس اهو پڻ ٻڌايو آهي ته هن علائقي ۾ گذريل ڪجهه مهينن ۾ ست بئنڪن ۾ ڌاڙو لڳو هو ۽ هر ڀئنڪ ڌاڙي جو طريقو ساڳيو ئي هيو. واردات جي طريقي باري پوليس جو چوڻ هو ته هڪ ڇوڪري اڪيلي بئنڪ ۾ بغير نقاب جي داخل ٿيندي هئي پوءِ بندوق ڪڍي ڪري سيڪيورٽي ڊور کوليندي هئي ۽ سندس نقاب پوش دوست اندر گهڙندا هئا.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com