حيدرآباد ۾ جرگي ڪوهلي قبيلي جي 4 ورهين جي هڪ معصوم نينگري کي اوتري ئي عمر جي هڪ ڇوڪري سان پرڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڇوڪري کي اها سزا سندس پيءُ جي گناه عيوض ڏني پئي وڃي. ڇوڪريَ جو پيءُ هن ڇوڪري جي ڀيڻ سان ڀڄي ويو هو.
ٽنڊو اله يار جي ڊي پي او ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته هڪ صحافي جي خبر ڏيڻ کانپوءِ آئون هن ڪيس جي جاچ شروع ڪئي هئي. راڌنا نالي جي هڪ نوجوان ڇوڪري نيلو ڪوهلي سان ڀڄي وئي هئي جيڪو هن 4 ورهين جي معصوم نينگري جو پيءُ آهي. پر راڌا جي خاندان طرفان ڪو ايف آءِ آر داخل ڪونه ڪرائي وئي. ڪوهلي قبيلو هڪ لنڊ وڏيري جو ملازم آهي. لنڊ وڏيري ٽنڊو اله يار ۾ هڪ جرگو ڪوٺايو ۽ اهو فيصلو ٻڌايو ته مينا جو پرڻو راڌا جي 4 ورهين جي ڀاءَ سان ٿيندو.
جمعي تي لُڙڪ هاريندڙ مينا کي ڇوڪري جي خاندان جي حوالي ڪيو ويو. ڇوڪري جي ماءُ ۽ ڏاڏي کين روڪڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور هنيو پر سندس وس ڪونه هلي سگهيو. اها خبر پڻ ملي آهي ته شادي جي ڪاغذن تي ڇوڪري جي ڏاڏي کان زوري آنگوٺو لڳرايو ويو هيو. ڪاغذن تي ڇوڪري جي پيءَ ڪارو ڪوهلي جو آنگوٺو پڻ لڳيل آهي ۽ لکيل آهي ته جيڪا ڌر هن فيصلي کان انڪار ڪندي هن کي ٻه لک رپيه جرمانو ادا ڪرڻو پوندو. مينا جي ماءُ ۽ ڏاڏي جو چوڻ آهي ته هنن ڪنهن قسم جي دستاويزن تي صحي ڪونه ڪئي آهي.