ايشين هيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلع جعفر آباد ۾ غيرت جي نالي تي 3 ڇوڪرين جي قتل جي جاچ نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعن موجب قتل جو اهو واقعو گذريل مهيني بلوچستان جي شهر اوستي محمد جي ويجھو ڳوٺ بابا ڪوٽ ۾ ٿيو جتي عمراڻي قبيلي سان تعلق رکندڙ ٽن ڇوڪرين کي سندن مائٽن گهران فرار ٿيندي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
جعفر آباد کان مليل اطلاعن موجب 14 جولاء تي عمراڻي قبيلي جي ارڙهن کان ويهه ورهين جي عمر جون ٽي ڇوڪريون تمبو بابا ڪوٽ کان فرار ٿي ڪري اوسته محمد آيون ۽ هتي هنن هڪ مقامي هوٽل ۾ ڪمرو ورتو. قبيلي جا ماڻهون کين ڳوليندي اوسته محمد پهتا ۽ هنن ڇوڪرين کي پڪڙي واپس وٺي ويا جتي کين قتل ڪرڻ کانپوءِ بابا ڪوٽ جي ڪمبوله قبرستان ۾ دفنايو ويو.
جعفر آباد جي ضلعي پوليس آفيسر نذير احمد ڪرد بي بي سي کي سندس علائقي کان 3 عورتن جي اغوا ۽ ضلع نصير آباد ۾ سندن قتل جي تصديق ڪندي چيو ”هنن عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو.“ هن ٻڌايو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ هڪ مقامي اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ کانپوءِ هن تي پاڻمرادو نوٽس وٺندي ڪاروائي شروع ڪئي آهي.
انساني حقن جي تنظيم ايشين هيومن رائٽس ڪميشن جو چوڻ آهي ته هنن ڇوڪرين کي گوليون هڻڻ کانپوءِ زنده دفنايو ويو آهي. پر پوليس انتظاميه موجب هنن عورتن کي زنده ڪونه دفنايو ويو آهي.
انساني حقن جي تنظيم طرفان جاري ڪيل بيان موجب واقعي ۾ شامل ماڻهن جو تعلق عمراڻي قبيلي جي هڪ سگهاري ماڻهون سان آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود قانوني ڪاروائي ڪونه ٿي سگهي آهي.
هن حوالي سان بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمراڻي قبيلي سان واسطو رکندڙ بلوچستان ڪابينه جي رُڪن صادق عمراڻي ٻڌايو آهي ته سندس قبيلي جا ڪجهه ماڻهون سياسي اختلاف سبب هن قتل ۾ سندس خاندان کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته عورتن کي هنن پاڻ قتل ڪيو آهي.
صادق عمراڻي هن واقعي جي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سندس قبيلي جي 3 ڇوڪرين کي ڪارو ڪاري جي ريت هيٺ انهيءَ قبيلي جي ڪجهه ماڻهن قتل ڪيو آهي ۽ کين هتان جي هڪ قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي.
ايشين هيومن رائٽس ڪميشن اپيل ڪئي آهي ته ناانصافي جي هن بدترين واقعي کانپوءِ ملڪ جي صدر، وزير اعظم ۽ ٻين اعلي عهديدارن کي احتجاج ڪرڻ گهرجي ته هن ۾ شامل وڏيرن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت تي دباءُ وڌو وڃي.