کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > حسن وڃائي حسن ورهائڻ واريون

حسن وڃائي حسن ورهائڻ واريون

ويچار ڊيسڪ
August 19th, 2008

پاڪستان جي مشهور شهر لاهور ۾ ڪجهه اهڙيون عورتون بيوٽي پارلرز تي ايندڙ عورتن جي حسن کي سينگهارينديون آهن جنهن جو پنهنجو حسن سندن گهر وارن تيزاب هاري برباد ڪري ڇڏيو هو.

 

ڊپليڪس سمائل اگين فائونڊيشن جي تعاون سان اهڙيون عورتون بيوٽي پارلر تي ڪم ڪري رهيون آهن. اها تنظيم اهڙي عورتن جي امداد ڪري رهي آهي جن کي تيزاب هاري ساڙيو ويو هجي. هن ڪم ۾ تنظيم جو تعاون پاڪستان جي مشهور بيوٽيشن مسرت مصباح ڪري رهي آهي.

 

سمائل اگين اٽلي جي هڪ اين جي او آهي جيڪا تيزاب هاري ساڙيل عورتن جي علاج جو انتظام ڪندي آهي. هن تنظيم جي لسٽ ۾ 240 عورتون آهن جن مان 83 جو علاج ٿي رهيو آهي. هيومن رائٽس ڪميشن موجب 2007ع ۾ 32 عورتن کي تيزاب هاري ساڙيو ويو ۽ 45 عورتن کي باهه سان ساڙيو ويو. پر هي انگ اکر مڪمل ناهن ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪيترا ئي مامرا منظر عام تي ڪونه اچي سگهن ٿا.

 

گذريل سال مصباح اٽلي ۾ 10 عورتن کي بيوٽي ڪورس ڪرايو هو. هنن مان ڪيترن ئي عورتن لاءِ اهو ڪم ان ڪري به ڏکيو هوندو هو ڇاڪاڻ ته سندن هٿ سڙيل هجڻ کين اهو ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com