اها ڳالهه ڏاڍي حيران ڪندڙ آهي. اٽلي جي هڪ پادري جو چوڻ آهي ته هو ننز لاءِ دنيا جو پهريون مقابلا حسن ڪرائڻ جو انتظام ڪري رهيو آهي.
پادري اينٽونيو رنگي جو چوڻ آهي ته هن مقابلي کان ننز باري الاهي عمر جون ۽ سخت هجڻ جي پاسي تي روشني ڪونه وڌي ويندي. سندس چوڻ آهي ته ”مس سسٽر اٽلي“ مقابلو هڪ آن لائن مقابلو هوندو ۽ ستمبر ۾ سندس بلاگ تي اها ڳالهه طئي ڪئي ويندي.
هن اٽلي جي هڪ اخبار کي ٻڌايو آهي ته ”خوبصورتي قدرت طرفان عنايت ٿيل تحفو آهي ۽ نن عام عورتن کان خاص هونديون آهن.“ هن ننز کي چيو آهي ته هو پنهنجي فوٽو هن کي موڪلن ۽ هن کانپوءِ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهون کٽڻ واري جو فيصلو ڪندا.
فادر رنگي زور ڏيندي چيو آهي ته ننز کي ترڻ (سوئمنت) جي ڪپڙن ۾ پريڊ ڪرڻ لاءِ ڪونه چيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اهو ننز تي آهي ته اُهي روايتي ڪپڙن ۾ پنهنجون تصويرون موڪلڻ چاهن ٿيون يا وري پنهنجو مٿو ڍڪڻ نٿيون چاهن.
اٽلي جي ڏکڻي شهر نيپلز جي رهواسي فادر رنگي جو چوڻ آهي ته ”مقابلا حسن ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته حسن صرف اُهو ناهي جيڪو ٽيلويزن تي ڏسڻ ۾ ايندو اهي، بلڪ پاڪيزگي جو به پنهنجو ئي جادو آهي.“
اٽلي ۾ دنيا جي ڪنڍ ڪڙڇ کان ايندڙ نن جي مشهوري ڪندي هن چيو آهي ته ”ڇا توهان سوچيو ٿا ته ننز پوڙهيون ۽ اُداس روحون هونديون آهن؟ هاڻي مامرو ائين ڪونه رهيو آهي.“
سندس دعوي آهي ته اهڙا مقابلا حسن ڪرائڻ جي تجويز پاڻ ننز طرفان آئي هئي.