کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > پنج عورتن کي زنده دفن ڪرڻ واري واقعي جي خلاف ملڪ ۾ مظاهره

پنج عورتن کي زنده دفن ڪرڻ واري واقعي جي خلاف ملڪ ۾ مظاهره

ويچار ڊيسڪ
September 2nd, 2008

بلوچستان ۾ مقامي رسم ۽ رواجن هيٺ خانداني غيرت جي نالي تي پنج عورتن کي زنده دفن ڪرڻ جي واقعي جي خلاف پاڪستان جا ڪيترا ئي حلقا ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 

مظاهرن ۾ وفاقي ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کان اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته هو هن ڏوهه ۾ شامل ماڻهن جي خلاف سخت ڪارلائي ڪن بلڪ بلوچستان سان تعلق رکندڙ هنن سينيٽ جي رُڪنن جي رُڪنيت به معطل ڪئي وڃي جن ايوان ۾ هن مامري تي ٿيندڙ بحث ۾ هن ظالم ڪاروائي کي قبائلي رسم رواج چئي ڪري هن جو دفاع ڪيو آهي.

 

سومر تي اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي جي تنظيمن جي قيادت ۾ پارليامينٽ جي عمارت جي سامهون هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ شريڪ انساني حقن جي ڪارڪن ثمر من الله جو چوڻ هو ته قانون لاگو ڪندڙن کي هن شرمناڪ حرڪت ۾ شامل ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي ۽ ائين نه ٿئي ته اهڙي بدترين ڏوهارين جو ساٿ ڏنو وڃي. هن مطالبو ڪيو آهي ته زنده دفن ڪيل ڇوڪرين کي ”وني“ جي طور تي ڏيڻ واري جرگي جي صدر کي به عدالت ۾ گهرايو وڃي.

 

سينٽ جي هڪ رُڪن جمال لغاري هن وقعي تي مظاهرو ڪندڙ ماڻهن سان اتفاق راء جو اظهار ڪندي چيو ته هن مامري جي جاچ ڪندڙ ماڻهن جو تعلق به انهيءَ قبيلي سان آهي جنهن عورتن کي زنده دفن ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان ڪري کين انصاف ملڻ جي تمام گهٽ اُميد آهي.

 

جمال لغاري جو چوڻ آهي ته ”آئون پاڻ هڪ بلوچ قوم جي سردار جو پُٽ آهيان. اسانجي بلوچ قوم ۾ اهڙا زنده دفن ڪرڻ وارا واقعا بلڪل ڪونه ٿيندا آهن. اسرار الله زهري جيڪا ڳالهه ڪئي هو بلڪل غلط آهي ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ سندس ڳالهه جي حمايت ڪونه ڪندو.

 

مبصرن لاءِ اها ڳالهه حيرت جو ڪارڻ بڻجي وئي آهي ته وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني يا حڪمران پارٽي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري طرفان اڃان تائين هن واقعي باري ڪو مذمتي بيان منظر عام تي ڪونه آيو آهي. هن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي رُڪن عورتن کي هن باري ڪجهه چوڻ لاءِ چيو ويو ته هنن ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيائون ته اسانکي هن باري ڪنهن به قسم جي خبر ناهي.

 

تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته صدارتي چونڊن کان ڪجهه ڏينهن پهريان اهڙي اختلاف واري مامري تي ڪو سخت بيان ڏئي ڪري ظاهر طور تي حڪمران پارٽي پنهنجي صدارتي اُميدوار آصف علي زرداري لاءِ بلوچستان اسيمبلي کان حمايت وڃائڻ نه چاهيندي.

 

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ طاهره عبدالله موجب ”ڪالهه وزير اعظم ڪوئيٽا ويو هو وزير اعظم کي کپندو هو ته هو سخت لفظن ۾ هن واقعي تي مذمت ڪري ها ۽ سخت لفظن ۾ هتان جي پوليس ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي کي هن واقعي جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ها. پر هن ڪجهه به نه ڪيو. بلڪل خاموش رهيو. هو ته صدر جي ڪنوينسنگ لاءِ هتي ويو هو. شرم جهڙي ڳالهه آهي. زرداري نه ئي گيلاني هن انسانيت جي خلاف واقعي جي مذمت ڪئي نه وري ڪنهن قسم جو بيان جاري ڪيو. پيپلز پارٽي ۽ باقي بلوچ قبيلي وارا سينيٽ ۾ بيهي ڪري هن واقعي ۾ شامل ماڻهون جو دفاع ڪري رهيا آهن؟“

 

پاڪستان ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن، خاص طور تي سنڌ، ڏکڻ پنجاب، ۽ سرحد ۽ پري پري جي علائقن ۾ به هر سال ڪيتريون ئي عورتن کي خانداني غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com